درسگاهه منصوره وارو قلمي نسخو

درسگاهه منصوره وارو قلمي نسخو

ڪڇ مان هٿ آيل قلمي نسخو

ڪڇ مان هٿ آيل قلمي نسخو

برٽش ميوزم لنڊن وارو قلمي نسخو

برٽش ميوزم لنڊن وارو قلمي نسخو

مائي مُلياڻي نعمت جو قلمي نسخو

مائي مُلياڻي نعمت جو قلمي نسخو

عبدالحميد قاضيءَ جو لکيل قلمي نسخو

عبدالحميد قاضيءَ جو لکيل قلمي نسخو

عبدالحق هالائيءَ جو لکيل قلمي نسخو

عبدالحق هالائيءَ جو لکيل قلمي نسخو

مبين احمد ڀٽائيءَ جو لکيل قلمي نسخو

مبين احمد ڀٽائيءَ جو لکيل قلمي نسخو

نيڪ محمد جولکيل قلمي نسخو

نيڪ محمد جولکيل قلمي نسخو

ولي محمد شاهه جو لکيل قلمي نسخو

ولي محمد شاهه جو لکيل قلمي نسخو

شاهه جو رسالو (ارنيسٽ ٽرمپ)

شاهه جو رسالو (ارنيسٽ ٽرمپ)

شاهه جو رسالو (بمبئي ڇاپو)

شاهه جو رسالو (بمبئي ڇاپو)

شاهه جو رسالو 1867ع پهرين بمبئي ڇاپي جو عڪس

شاهه جو رسالو 1867ع پهرين بمبئي ڇاپي جو عڪس

شاهه جو رسالو (پهريون ڀيرو سنڌي ٽائيپ تي شايع ٿيل)

شاهه جو رسالو (پهريون ڀيرو سنڌي ٽائيپ تي شايع ٿيل)

شاهه جو رسالو (قليچ بيگ)

شاهه جو رسالو (قليچ بيگ)

شاهه جو رسالو ( گربخشاڻي)

شاهه جو رسالو ( گربخشاڻي)

شاهه جو رسالو ( ڏيپلائي وارو)

شاهه جو رسالو ( ڏيپلائي وارو)

شاهه جو رسالو (خانبهادر محمد صديق ميمڻ)

شاهه جو رسالو (خانبهادر محمد صديق ميمڻ)

شاهه جو رسالو (ڪلياڻ آڏواڻي)

شاهه جو رسالو (ڪلياڻ آڏواڻي)

شاهه جو رسالو (مرتب: آءِ آءِ قاضي)

شاهه جو رسالو (مرتب: آءِ آءِ قاضي)

شاهه جو رسالو (پاڪيٽ سائيز ڏيپلائي وارو)

شاهه جو رسالو (پاڪيٽ سائيز ڏيپلائي وارو)

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون وايون ۽ ڪافيون (ڪتاب)

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون وايون ۽ ڪافيون (ڪتاب)

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جون چونڊ وايون

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جون چونڊ وايون

شاهه جو رسالو

شاهه جو رسالو

شاهه جو رسالو ( تحقيق ۽ مقدمو نبي بخش بلوچ)

شاهه جو رسالو ( تحقيق ۽ مقدمو نبي بخش بلوچ)

شاهه جون وايون (مڪمل)

شاهه جون وايون (مڪمل)

شاهه جو رسالو ( ٽن سُرن جو اختصار)

شاهه جو رسالو ( ٽن سُرن جو اختصار)

شاهه جو رسالو جلد پهريون (  نبي بخش بلوچ)

شاهه جو رسالو جلد پهريون ( نبي بخش بلوچ)

شاهه جو رسالوجلد ٻيو ( نبي بخش بلوچ)

شاهه جو رسالوجلد ٻيو ( نبي بخش بلوچ)

شاهه جو رسالو جلد ٽيو(  نبي بخش بلوچ)

شاهه جو رسالو جلد ٽيو( نبي بخش بلوچ)

شاهه جو رسالو جلد چوٿون ( نبي بخش بلوچ)

شاهه جو رسالو جلد چوٿون ( نبي بخش بلوچ)

شاهه جو رسالو جلد پنجون ( نبي بخش بلوچ)

شاهه جو رسالو جلد پنجون ( نبي بخش بلوچ)

شاهه جو رسالو جلد ڇهون ( نبي بخش بلوچ)

شاهه جو رسالو جلد ڇهون ( نبي بخش بلوچ)

شاهه جو رسالو جلد ستون ( نبي بخش بلوچ)

شاهه جو رسالو جلد ستون ( نبي بخش بلوچ)

شاهه جو رسالو جلد اٺون- نائون ( نبي بخش بلوچ)

شاهه جو رسالو جلد اٺون- نائون ( نبي بخش بلوچ)

شاهه جو رسالو جلد ڏهون (نبي بخش بلوچ)

شاهه جو رسالو جلد ڏهون (نبي بخش بلوچ)

شاهه جو رسالو ( شاهواڻي وارو)

شاهه جو رسالو ( شاهواڻي وارو)

شاهه جو گنج

شاهه جو گنج

شاهه جو گنج ( سگھڙ حاجي الهداد جنجھي)

شاهه جو گنج ( سگھڙ حاجي الهداد جنجھي)

گنج  ( شاهه جو رسالو)

گنج ( شاهه جو رسالو)

گنج  ( شاهه جو رسالو)

گنج ( شاهه جو رسالو)

شاهه جو رسالو (عثمان علي انصاري)

شاهه جو رسالو (عثمان علي انصاري)

 شاهه جو رسالو (الف.ب وار: ڊاڪٽر عالم سومرو)

شاهه جو رسالو (الف.ب وار: ڊاڪٽر عالم سومرو)

شاهه جو رسالو (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي)

شاهه جو رسالو (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي)

شاهه جو رسالو جلد پهريون  (ٻانهون خان شيخ)

شاهه جو رسالو جلد پهريون (ٻانهون خان شيخ)

شاهه جو رسالو جلد ٻيو(ٻانهون خان شيخ)

شاهه جو رسالو جلد ٻيو(ٻانهون خان شيخ)

شاهه جو رسالو جلد ٽيو (ٻانهون خان شيخ)

شاهه جو رسالو جلد ٽيو (ٻانهون خان شيخ)

شاهه جو رسالو جلد پهريون  (جلد 1: چئن ٻولين ۾: ڊاڪٽر درشهوار سيد)

شاهه جو رسالو جلد پهريون (جلد 1: چئن ٻولين ۾: ڊاڪٽر درشهوار سيد)

موضوع وار شاهه جو رسالو ( ايچ. آءِ. سندارنگاڻي-گل محمد تنيو)

موضوع وار شاهه جو رسالو ( ايچ. آءِ. سندارنگاڻي-گل محمد تنيو)

شاهه جو گنج ( محمد قاسم راهمون)

شاهه جو گنج ( محمد قاسم راهمون)

ڪامل جو ڪلام

ڪامل جو ڪلام

گنج (شاهه جو رسالو : الف. ب وار)

گنج (شاهه جو رسالو : الف. ب وار)

شاهه جو رسالو (استاد لغاري)

شاهه جو رسالو (استاد لغاري)

شاهه جو رسالو (حمائل سائيز : استاد لغاري)

شاهه جو رسالو (حمائل سائيز : استاد لغاري)

Risalo of Shah Abdul Latif

Risalo of Shah Abdul Latif

 SELECTIONS FROM THE RISALO

SELECTIONS FROM THE RISALO

SHAH JO RISALO in Eanglish Verse

SHAH JO RISALO in Eanglish Verse

The Portry Of Shah Abdul Latif

The Portry Of Shah Abdul Latif

Risalo Of Shah Abdul Latif Bhitai

Risalo Of Shah Abdul Latif Bhitai

Mourning Melody

Mourning Melody

Shah Abdul Latif- Seeking the beloved

Shah Abdul Latif- Seeking the beloved

Shah Jo Risalo alias Gange Latif

Shah Jo Risalo alias Gange Latif

Spiritualism in the Poetry of Shah Abdul Latif Bhittai

Spiritualism in the Poetry of Shah Abdul Latif Bhittai

Melodies of Shah Abdul Lateef Bhitai

Melodies of Shah Abdul Lateef Bhitai

Shah Jo Risalo alias Ganje Latif

Shah Jo Risalo alias Ganje Latif

Melodies of Shah Abdul Lateef Bhitai

Melodies of Shah Abdul Lateef Bhitai

Shah Jo Risalo alias Ganje Latif

Shah Jo Risalo alias Ganje Latif

Melodies of Shah Abdul Lateef Bhitai

Melodies of Shah Abdul Lateef Bhitai

Shah Abdul Latif Bhitai Apostle of Love

Shah Abdul Latif Bhitai Apostle of Love

Shah Jo Risalo alias Ganje Latif

Shah Jo Risalo alias Ganje Latif

الشاهه عبداللطيف بهتائي و منتخباة اشعاره (ڪتاب)

الشاهه عبداللطيف بهتائي و منتخباة اشعاره (ڪتاب)

شاهه ڀٽائي دا رساله (پنجابي ترجمو)

شاهه ڀٽائي دا رساله (پنجابي ترجمو)

شاهه جو رسالو (پنجابي)

شاهه جو رسالو (پنجابي)

رساله شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح (اردو)

رساله شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح (اردو)

رساله شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح (اردو)

رساله شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح (اردو)

ڪلام شاهه عبداللطيف ڀٽائي (اردو: جلد چهارم)

ڪلام شاهه عبداللطيف ڀٽائي (اردو: جلد چهارم)

رساله شاهه عبداللطيف ڀٽائي (اردو)

رساله شاهه عبداللطيف ڀٽائي (اردو)

لطيفي توار (ڪتاب)

لطيفي توار (ڪتاب)

شاهه جا رسالا قلمي ڇپيل ۽ ترجما

شاهه جا رسالا- قلمي، ڇپيل ۽ ترجما
(مڪمل ۽ منتخب)
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي بنيادي تحقيق اڻويهين صديءَ ۾ شروع ٿي. موجوده وقت تائين شاهه لطيف تي پندرهن کان وڌيڪ ٻولين [سنڌي، اردو، فارسي، عربي، انگريزي، هندي، پنجابي، سرائيڪي، پشتو، بلوچي، براهوي، جرمن، گجراتي، ڪڇي، بنگالي وغيره] ۾ مقالا، مضمون ۽ ڪتاب لکيا ۽ سندس شاعريءَ جا ترجما ڪيا ويا آهن. موضوع جي لحاظ کان شاهه عبداللطيف ۽ لطيفيات هڪ وڏو موضوع رهيو آهي ۽ هن موضوع تي ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪيترن عالمن ۽ اديبن ڊاڪٽوريٽ ڪئي آهي. لطيفيات تي سنڌ جي عالمن ۽ اديبن کان سواءِ مغربي ۽ ٻين پرڏيهي عالمن ۽ اديبن به ڪافي ڪجهه لکيو آهي. لطيفيات تي ٿيل تحقيقي ڪم ڪجهه عقيدتمنداڻو، ڪجهه روايتي، ڪجهه تحقيقي ۽ ڪجهه جديد نوعيت جو به آهي، پر هن موضوع تي ٿيل ڪم سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت ۽ حيثيت جو حامل آهي. لطيفيات تي سنڌيءَ سان گڏ مٿي بيان ڪيل ٻولين ۾ ڪافي لکيو ويو آهي ۽ رسالي جا ڪيترا مڪمل ۽ منتخب ترجما ڪيا ويا آهن.
هتي لطيفيات بابت شاهه جي ڪلام جي قلمي نسخن، ڇاپي رسالن ۽ ٻئي تحقيقي ڪم جو سلسليوار ذڪر ڪجي ٿو:
(الف) رسالي جا ناياب قلمي نسخا
(1) تمر فقير جو گڏ ڪيل رسالو: هي رسالو موجوده وقت ۾ اڻ لڀ آهي. روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته، شاهه صاحب جي حياتيءَ ۾ فقيرن طرفان ڪجهه رسالا جوڙيا يعني لکيا ويا هئا، جيڪي غالباً محفوظ نه رهي سگهيا يا اڃا تائين ملي نه سگهيا آهن. البته انهن جا نقل، نقلن جا نقل ۽ انهن جا به نقل، سنڌ، هند ۾ هن وقت تائين موجود ۽ محفوظ آهن. روايتن موجب انهن گڏ ڪيل رسالن مان تمر فقير جي گڏ ڪيل رسالي تمام گهڻي شهرت ماڻي. مولانا دين محمد وفائيءَ موجب: ‘هن رسالي جي مدد سان ‘اٽل ۽ چنچل’، هندستان جي ٻن مشهور راڳيندڙ گوين ‘شاهه جي رسالي’ کي سُرن ۽ داستانن موجب مُرتب ڪيو ۽ هن رسالي جو نقل ڪرائي ٻه نسخا پڻ تيار ڪيا ويا، جن مان هڪ ڀِٽ تي رکيو ويو ۽ ٻيو درگاهه شاهه ڪريم تي رکيو ويو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ان راءِ کي درست نه ٿو سمجهي. سندس راءِ آهي ته ڀٽ تي رکيل رسالي مان مراد ‘گنج’ آهي، جيڪو 1207هه/ 1792ع ۾ نئين سر گڏ ڪيو ويو هو. هن رسالي جي ترتيب بمبئيءَ واري ڇاپي کان مختلف آهي ۽ اُن ۾ اهو ڪٿي به ڄاڻايل نه آهي ته هي رسالو تمر فقير جي لکرايل رسالي جو اُتارو آهي. ان کان سواءِ درگاهه شاهه ڪريم تي رکيل رسالي جي تحرير جو سال 1194هه/ 1780ع آهي. ان ريت ٻنهي رسالن جي تحرير واري سال ۾ ڪو گهڻو فرق نه، پر فقط 12 سالن جو فرق آهي. ٿي سگهي ٿو ته هڪ رسالو نقل ٿيڻ کانپوءِ ٻيو ڀيرو لکيو ويو هجي.
جنهن لحاظ کان روايتون ملن ٿيون، ان لحاظ کان هي [تمر فقير وارو] پهريون رسالو هو، جنهن تان ڪيترن رسالن جو نقل ٿيو. ڊاڪٽر غلام مصطفى کهڙي لکيو آهي ته: “هن رسالي بابت چيو وڃي ٿو ته اڏيري لعل وارن سيدن وٽ رکيل هو ۽ گنج اُنهيءَ تان لکيو ويو آهي، پر صحيح ۽ مستند ڄاڻ ڪانه ٿي ملي.”
(2) بلڙي شاهه ڪريم جي درگاهه تي رکيل رسالو: هن قلمي نسخي بابت ڄاڻ پڻ مٿئين ساڳئي ذڪر مان ملي ٿي ته هي رسالو تمر فقير واري رسالي تان 1194هه/ 1780ع ۾ اُتارو ڪري درگاهه شاهه ڪريم تي رکيو ويو هو، جيڪو 1923ع ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ کي مطالعي لاءِ مليو ۽ هن ان کي پنهنجي شاهه جي رسالي جي ترتيب لاءِ ڪتب آندو هو. هن وقت هي قلمي نسخو ناياب آهي ۽ درگاهه شاهه ڪريم تي به موجود نه آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو ته هي رسالو ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي يا مرحوم عثمان علي انصاريءَ جي ذخيري ۾ موجود هجي.
(ب) شاهه جي رسالي جا موجود قلمي نسخا
(1) ميين اسماعيل جو گڏ ڪرايل گنج: هي شاهه جو رسالو ‘گنج’، ميين اسماعيل کاهوڙيءَ گڏ ڪرايو هو، جنهن کي فقير عبدالعظيم عرف وڏل شاهه، اڱاري جي ڏينهن 7 جمادي الثاني 1207هه/20 جنوري 1793ع ۾ لکي پورو ڪيو. هن رسالي جو پهريون سُر سسئي ۽ آخري سُر ڪارايل آهي. هن رسالي ۾ ڪُل 680 صفحا، 28 سُر، 4041 بيت ۽ 287 وايون شامل آهن. ان کان سواءِ آخر ۾ ميين شاهه ڪريم جا 35 بيت پڻ ڏنا ويا آهن. هي رسالو شاهه صاحب جي وفات کان 42 سال پوءِ لکيو ۽ ترتيب ڏنو ويو ۽ هن رسالي لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته هي تمر فقير جي گڏ ڪيل اصلي قلمي نسخي جو اُتارو آهي. پهريائين هي رسالو تمر فقير واري وڏيءَ اوطاق تي رکيل هو ۽ هر جمعي جي ڏينهن عام ماڻهن کي ڏيکاريو ويندو هو. هن وقت هي رسالو يعني ‘گنج شريف’ ڀٽ تي [شاهه جي مزار جي احاطي ۾] عام ماڻهن جي ديدار لاءِ رکيو ويو آهي.
(2) قاضي موسى وارو قلمي نسخو: شاهه صاحب جي رسالي جو هي قلمي نسخو، انتهائي زبون حالت ۾ مليو، جنهن ۾ ڪاتب جو نالو ڄاڻايل نه هو. هن رسالي جو مالڪ قاضي موسى هو، جنهن تي لڳل مهر مطابق سال 1207هه/ 1792ع اُڪريل آهي ۽ ٻي مهر ‘شاهه محمد’ جي نالي سان آهي، جنهن تي سال 1220هه / 1805ع اُڪريل آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب گمان ڪڍيو آهي ته هي رسالو 1792ع ۾ شاهه صاحب جي وفات کان 42 سال پوءِ لکيو ويو هوندو. هي رسالو برٽش ميوزيم واري رسالي سان تمام گهڻو ملي ٿو. هن رسالي جو گهڻو حصو ضايع ٿيڻ ڪري 524 صفحا، 19 سُر، 1321 بيت ۽ 65 وايون بچي سگهيون آهن. هن رسالي جو پهريون سُر سسئي ۽ آخري سُر هير آهي، گمان آهي ته هي رسالو مڪمل هو، جيڪو زماني جي دست برد سبب محفوظ رهي نه سگهيو.
(3) درسگاهه منصوره وارو قلمي نسخو: رسالي جي هن قلمي نسخي ۾ ڪاتب جو نالو ڄاڻايل نه آهي ۽ نه ئي وري ڪتابت جو سال ڄاڻايل آهي. هي رسالو برٽش ميوزيم واري رسالي وانگر بياض آهي ۽ ان کان ڪجهه مختلف به آهي. هن رسالي ۾ ڪُل 398 صفحا، 28 سُر، 1497 بيت ۽ 83 وايون آهن. هي رسالو سُر سسئيءَ کان شروع ٿي سُر ڪيڏاري تي ختم ٿئي ٿو.
(4) ڪڇ مان هٿ آيل قلمي نسخو: هن رسالي جي ڪاتب جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي، پر رسالي جي شروعاتي صفحي تي ڪتابت جي تاريخ 20 جمادي الثاني، بروز جمعه، سال 1279هه/ 1862ع ڄاڻايل آهي. هن قلمي نسخي جي شروع ۾ شاهه جي ڪلام کي قلمبند ڪيو ويو آهي ۽ نسخي جي ٻئي حصي ۾ ٻين شاعرن جو ڪلام ڏنل آهي. هي رسالو پڻ برٽش ميوزم واري نسخي سان ملي جُلي ٿو. هن رسالي ۾ ڪُل 268 صفحا، 17 سُر، 856 بيت ۽ 60 وايون آهن.
(5) برٽش ميوزيم، لنڊن وارو قلمي نسخو: هن رسالي ۾ ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جو سال ڄاڻايل نه آهي. البته هي رسالو 14 فيبروري 1886ع ۾ برٽش ميوزيم ۾ داخل ڪيو ويو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق موجب هي رسالو، ڪڇ جي روايت ڏسجي ٿو. هن رسالي ۾ ڪُل 284 صفحا، 28 سُر، 1822 بيت ۽ 86 وايون آهن. هي رسالو سُر سسئيءَ کان شروع ٿي سُر بسنت تي ختم ٿئي ٿو. هن رسالي ۾ ڌارئين ڪلام هجڻ بابت پڻ نشاندهي ٿيل آهي. هي رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق ۽ تصحيح سان 1969ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ، ڀٽ شاهه ڇپائي پڌرو ڪيو.
(6) انڊيا آفيس، لنڊن وارو قلمي نسخو: رسالي جي هن قلمي نسخي ۾ پڻ ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جو سال ڄاڻايل ناهي. هي رسالو پڻ برٽش ميوزيم واري رسالي سان مشابهت رکي ٿو، پر ان کان ڪجهه مختصر آهي ۽ ميوزيم جي ڪتبخاني ۾ داخل ڪيو ويو. هي رسالو به ڪڇ جي روايتن تي مبني آهي. هن قلمي نسخي ۾ ڪُل 292 صفحا، 25 سُر، 1443 بيت ۽ 53 وايون آهن.
(7) شاهه جي رسالي جو اڻپورو قلمي نسخو-1: هي هڪ ناقص نسخو آهي، جنهن ۾ ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جو سال لکيل نه آهي. هن رسالي ۾ ڪُل 92 صفحا، 19 سُر، 468 بيت ۽ 17 ڪافيون (وايون) بچي سگهيون آهن. هن رسالي جو پهريون سُر سسئي ۽ آخري ڌناسري آهي.
(8) شاهه جي رسالي جو اڻپورو قلمي نسخو-2: هي به هڪ ناقص قلمي نسخو آهي، جنهن جا فقط 86 صفحا هٿ اچي سگهيا آهن. هن رسالي ۾ پڻ ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جو سال ڄاڻايل نه آهي. هن رسالي ۾
5 سُر، 316 بيت ۽ 17 وايون ڏنل آهن. هي قلمي نسخو پهرئين سُر ڪلياڻ کان آخري سُر سسئيءَ تائين بچي سگهيو آهي. هن رسالي ۾ فقط سُر سامونڊي سڄو سربستو محفوظ رهي سگهيو آهي.
(9) سيد ابراهيم شاهه وارو قلمي نسخو: هي قلمي نسخو ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي کي مليو هو. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته: “سيد ابراهيم شاهه واري بياض جي ترتيب بلڪل نرالي آهي. شروعات سُر سسئيءَ کان ٿئي ٿي ۽ بيتن جي اختصار جو سلسلو گنج تي ٻڌل آهي. ان ۾ ڪيترائي بيت نوان آهن.”
(10) دلدار فقير وارو قلمي نسخو: هي قلمي نسخو پڻ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي کي هٿ آيو هو. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته: “گنج شريف کان پوءِ دلدار فقير وارو قلمي نسخو آهي، جو هن ڪنهن سنڌي مرشد لاءِ لکيو هو. اهو نسخو 1279هه/ 1862ع کان اڳ جو لکيل ٿو ڏسجي ۽ مون کي عزيزم محمد حنيف صديقيءَ وٽان مليو آهي. قرآئن مان معلوم ٿئي ٿو ته فقير ڪڇ ڀڄ جو ويٺل هو ۽ سندس هٿ اکر نسخو شايد تمر فقير واري گنج جو ئي اُتارو آهي. منجهس ڪيترائي بيت آهن، جي ڀٽ واري گنج ۾ ناهن.” هي رسالو 508 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪل 34 سُر، 2915 بيت ۽ 174 وايون آهن. هن رسالي جي منڍ ۾ سُر ڪلياڻ ڏنل آهي، پر هن رسالي ۾ سر ڍول مارو ۽ سُر بسنت بهار شامل نه ڪيو ويو آهي.
(11) پير غوث محمد شاهه وارو قلمي نسخو: شاهه جي رسالي جو هي قلمي نسخو ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي کي سيد مٺي شاهه سيداڻي، تعلقي بدين مان پير عالي شاهه جي معرفت مليو. هن نسخي لاءِ ڊاڪٽر دائودپوٽي لکيو آهي ته: “هن رسالي جي هڪ صفحي تي پير غوث محمد قريشيءَ جي هٿ اکرن ۾ تاريخ 12 رجب المرجب 1316هه/ 27 نومبر 1898ع لکيل آهي. هي رسالو حقيقت ۾ هڪ بياض يا انتخاب آهي، جنهن ۾ جدا جدا سُرن مان ڪي چونڊ بيت درج ڪيا ويا آهن.” هن رسالي ۾ اڪثر بيت شاهه صاحب جا آهن ۽ ڪجهه بيت شاهه عنات يا تمر فقير جا پڻ شامل ٿي چڪا آهن. “متن کان اڳ شروع ۾ لونگ فقير سولنگيءَ جي گڏ ڪيل رسالي مان ڪي بيت لکيل آهن، باقي بيت خليفي محمد بچل ۽ غوث محمد قريشيءَ جا لکيل آهن، جن جي ڇيڙي ۾ سنه 1334هه/ 1915ع ڄاڻايل آهي. متن جي آخر ۾ احسان فقير ۽ سندس پٽ اسماعيل جي سُر ڪيڏاري مان سترهن بيت ڏنل آهن.”
(12) حاجي هدايت الله هالائيءَ جو لکيل نسخو: هي نسخو، نصرپور جي مشهور حڪيم ۽ فارسي ٻوليءَ جي عالم ديوان ٺاري مل، حاجي هدايت الله هالائيءَ کان 1270هه/ 1853ع ۾ اُجوري تي تحرير ڪرايو هو. هن رسالي ۾ ڪُل 854 صفحا، 32 سُر، 3247 بيت ۽ 226 وايون آهن. هن رسالي جي شروع ۾ سُر ڪلياڻ ۽ آخر ۾ سُر ڪارايل ڏنل آهن. هن رسالي جي متن کان پوءِ آخر ۾ ٻين شاعرن جو ڪلام به شامل ڪيو ويو آهي.
(13) مير امام بخش خان جو لکرايل قلمي نسخو: هي نسخو مير امام بخش خان جي فرمائش تي محمد حافظ نالي شخص 29 شعبان 1270هه/ 27 مئي 1854ع ۾ لکي مڪمل ڪيو، جنهن ۾ ڪُل 557 صفحا، 32 سُر، 3943 بيت ۽ وايون ڏنل آهن. هي رسالو سُر ڪلياڻ کان شروع سُر ڪارايل تي ختم ٿئي ٿو. هن رسالي ۾ بيتن جون پڙهڻيون ۽ سربستا بيت لکيا ويا آهن.
(14) مائي مُلياڻي نعمت جو قلمي نسخو: هي رسالو هز هائينس مير
نور محمد خان ٽالپر جي ديري عالي مدار، مائي مُلي نعمت کان لکايو ۽ کيس اجوري طور وڏو خرچ ۽ ججهي امداد ڏنائين. ديري جي انهيءَ قدردانيءَ سان نعمت مائيءَ هي رسالو سُهڻي خط ۾، سونهري جدولن سان سينگاري، تاريخ 28 جمادي الثاني 1270هه/ 28 مارچ 1854ع تي لکي مڪمل ڪيو. هي قلمي رسالو ڊاڪـٽـر عـمـر بـن مـحـمـد دائودپوٽـي کي

سن 1957ع ۾ مليو. سندس خيال موجب هي رسالو مائي نعمت ڪنهن قديم نسخي تان اُتاري مڪمل ڪيو ۽ هي رسالو نهايت ئي صحيح ۽ پوين اضافن کان خالي ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ واري رسالي توڙي ٻين رسالن سان مشابهت رکي ٿو. هن رسالي جي آخر ۾ ڪنهن ٻئي شخص، ان ۾ اڳتي مخدوم محمد هاشم جو ڪلام، سُر رامڪلي جي ٽيهه اکري، حافظ پِنئي جي ٺهيل ڪاپائتيءَ واري مدح وغيره جو مواد ضميمي طور لکيو آهي.
(15) آخوند محمد شفيح جو لکيل قلمي نسخو: هي قلمي نسخو، آخوند محمد شفيع، 27 صفر 1273هه/ 27 آڪٽوبر 1856ع ۾ تحرير ڪيو. هن رسالي ۾ ڪُل 374 صفحا، 35 سر، 1841 بيت ۽ 115 وايون شامل آهن. هي رسالو سُر ڪلياڻ کان شروع ٿي سُر ڪاموڏ تي ختم ٿئي ٿو. هي رسالو ڪجهه ناقص حالت ۾ آهي ۽ منجهس ڪيترائي صفحا کٽل آهن.
(16) اُميد علي نظاماڻيءَ جو لکيل قلمي نسخو: هي قلمي نسخو ڀٽ شاهه جي پير حسن علي شاهه ڀٽائيءَ، پنهنجي مريد اُميد علي نظاماڻيءَ کان 1275هه/ 1858ع ۾ تحرير ڪرايو. هي رسالو ڪُل 328 صفحن، 34 سُرن، 2933 بيتن ۽ 213 واين تي ٻڌل آهي. هن رسالي جو پهريون سُر ڪلياڻ ۽ آخري سُر ڪارايل آهي. هن رسالي ۾ سُر ‘پرڀاتيءَ’ کي سُر ‘وهاڳڙو’ لکيو ويو آهي.
(17) عبدالحميد قاضيءَ جو لکيل قلمي نسخو: هي رسالو ميان محمد بن الحسين نالي هڪ شخص، عبدالحميد بن قاضي عبدالباقيءَ کان 17 جمادي الثاني 1281هه/ 17 نومبر 1864ع ۾ لکارايو. هن رسالي ۾ ڪُل 538 صفحا، 36 سُر، 3288 بيت ۽ 219 وايون ڏنل آهن. هن رسالي جو پهريون سر ڪلياڻ ۽ آخري سُر بسنت بهار آهي.
(18) عبدالحق هالائيءَ جو لکيل قلمي نسخو: هي رسالو ميان عبدالحق هالائيءَ، 29 ربيع الاول سن 1282هه/ 22 آگسٽ 1865ع ۾ تحرير ڪيو. هي رسالو ڪيترائي ڏينهن مير عبدالحسين خان سانگيءَ جي ملڪيت رهيو. اها عبارت رسالي تي به موجود آهي. هن رسالي تي پير صاحب ڏني شاهه بلڙيءَ واري جو دستخط آهي. هن رسالي ۾ ڪُل511 صفحا، 35 سُر، 3482 بيت ۽ 246 وايون ڏنل آهن. هن رسالي جو پهريون سُر ڪلياڻ ۽ آخري سُر بسنت آهي.
(19) ميين احمد ڀٽائيءَ جو لکيل قلمي نسخو-1: ‘شاهه جي رسالي’ جو هي قلمي نسخو ميين احمد ڀٽائيءَ، ذوالقعد مهيني 1294هه/ نومبر 1877ع ۾ ڪتابت ڪيو. هي رسالو ڪُل 408 صفحن، 34 سُرن 3114 بيتن ۽ 217 واين تي آڌاريل آهي. هن رسالي جو پهريون سُر ڪلياڻ ۽ آخري سُر ڪارايل آهي. هي رسالو آخوند ميان احمد وٽان 1298هه/ 1880ع ۾ ميان امداد علي بليديءَ کي مطالعي لاءِ مليو ۽ ان بعد مير عبدالحسين خان سانگيءَ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ رهيو.
(20) ميين احمد ڀٽائيءَ جو لکيل قلمي نسخو-2: هن رسالي جي ڪتابت ميين احمد ڀٽائيءَ، 1304هه/ 1886ع ۾ ڪئي. هن رسالي ۾ ڪُل 352 صفحا، 34 سُر، 3218 بيت ۽ 223 وايون ڏنل آهن. هن رسالي جو پهريون سُر ڪلياڻ ۽ آخري سُر ڪارايل آهي.
(21) ميين احمد ڀٽائيءَ جو لکيل قلمي نسخو- 3: هن قلمي نسخي جي ڪتابت پڻ ميين احمد ڀٽائيءَ ڪئي، پر ڪتابت جو سال ڄاڻايل نه آهي. هي رسالو مڪمل هو، پر گهڻو وقت گذرڻ سبب ناقص ٿي پيو آهي، جو اُن جو گهڻو حصو ضايع ٿي چڪو آهي. هن رسالي جا 56 ورق يعني 112 صفحا ملي سگهيا آهن، جن ۾ 12 سُر، جملي 765 بيت ۽ 49 وايون لکيل آهن. انهن صفحن ۾ پهريون سُر سامونڊي ۽ آخر ۾ سُر بلاول آهي.
(22) ميين محمد ۽ ميين حسين جو لکيل قلمي نسخو: هن رسالي جي ڪتابت ميين محمد ۽ ميين حسين 1300هه/ 1882ع ۾ ڪئي. هي رسالو 656 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪُل 40 سُر، 3792 بيت ۽ 309 وايون ڏنل آهن. هن رسالي ۾ ڪجهه اضافي سُر، ابيات فارسي، سر گُجري، سر سڀراج، سر ڪانرو، سر گينواري ڏنل آهن. هن رسالي جو پهريون سُر ڪلياڻ ۽ آخري سُر ڪارايل آهي.
(23) ميين احمد ڀٽائيءَ جو لکيل قلمي نسخو- 4: ميين احمد ڀٽائيءَ جو لکيل هي چوٿون رسالو اڃا تائين ملي نه سگهيو آهي. هن رسالي جا صرف ٻه صفحا محڪمه اطلاعات، حڪومت مغربي پاڪستان طرفان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 206 عرس جي موقعي تي شايع ڪيل ڪتاب ‘تحفه لطيف’ ۾ عڪس سميت ڏنا ويا هئا، جن ۾ هيءَ عبارت لکيل هئي: “احمد ڀٽيءَ وارو قلمي نسخو، مولوي دين محمد سانوڻيءَ، حافظ محمد عمر کان 1322هه/ 1904ع ڌاري خريد ڪيو.” هن عبارت ۽ مٿي ذڪر ڪيل ميين احمد ڀٽائيءَ جي لکيل ٽن قلمي نسخن جي شاهديءَ موجب چئي سگهجي ٿو ته ميين احمد ٻيا به ڪيترائي رسالا لکيا هوندا، جيڪي ملي نه سگهيا آهن.

(24) نيڪ محمد جو لکيل قلمي نسخو: هن رسالي جو ڪاتب نيڪ محمد آهي. هن رسالي جي ڪتابت جو سال مبهم هئڻ ڪري يقين سان نٿو چئي سگهجي ته هي رسالو ڪهڙي سال ۾ تحرير ٿيو. البت هن رسالي ۾ استعمال ٿيل ڪاغذ ۾ ڪارخاني طرفان ڇپيل سال 1885ع آهي، جنهن سان معلوم ٿئي ٿو ته، هي رسالو ساڳئي سال تحرير ڪيو ويو هوندو. هي رسالو، ڀٽ واري رسالي جي روايتن تي ٻڌل آهي ۽ شاهه صاحب جي ‘ساند ’ مريدن جي ملڪيت رهيو آهي. هن رسالي جا پهريان 9 صفحا زبون ٿي چڪا آهن، جنهن بعد سمورو رسالو سلامت ۽ محفوظ آهي. هن رسالي ۾ ڪُل 396 صفحا، 33 سُر، 3899 بيت ۽ 235 وايون ڏنل آهن. هن رسالي جي شروع ۾ سُر ڪلياڻ ۽ آخر ۾ سُر ڪارايل ڏنل آهن.
(25) مير عبدالحسين خان سانگيءَ جو لکايل قلمي نسخو: هي رسالو دستياب نه ٿي سگهيو آهي. البت اطلاعات کاتي، حڪومت مغربي پاڪستان طرفان شاهه عبداللطيف جي 203 عرس جي موقعي تي شايع ڪيل ڪتاب ‘ياد لطيف’ ۾ هن رسالي جي هڪ ورق جو عڪس شايع ڪيو ويو آهي، جنهن تي هيءَ عبارت لکيل آهي: “مير عبدالحسين خان سانگيءَ جي لکايل قلمي نسخي جو پهريون ورق، هي نسخو 17 ذوالقعد 1307هه/ 4 آگسٽ 1890ع ڌاري مڪمل ٿيو.”
(26) جمعي فقير جو لکايل قلمي نسخو: هي رسالو لطيفي درگاهه جي ڪُنجي بردار جمعي فقير، غلام قادر ولد ڇَتي خان پتافيءَ، ويٺل ڳوٺ ڇتي پتافي، تعلقي رتيديري کان 27 محرم الحرام 1331هه/ 6 جنوري 1913ع ۾ لکارايو. هي رسالو 1412 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ جملي 36 سُر، 4927 بيت ۽ 344 وايون ڏنل آهن. هن رسالي جو پهريون سُر ڪلياڻ ۽ آخري سر بسنت بهار آهي.
(27) اسماعيل بن محمد صالح رنگريز جو لکيل نسخو: هي رسالو اسماعيل بن محمد صالح رنگريز، تاريخ، 17 جمادي الثاني 1334هه بمطابق 21 اپريل 1916ع ۾ جمعي جي ڏينهن لکي مڪمل ڪيو. هن رسالي ۾ ڪُل 1485 صفحا، 36 سُر، جملي 4985 بيت ۽ 342 وايون ڏنل آهن. هن رسالي جو پهريون سُر ڪلياڻ ۽ آخري سُر بسنت آهي. هي رسالو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، پهرئين حصي ۾ سُر کاهوڙيءَ تائين سُر ڏنل آهن، جڏهن ته رسالي جو ٻيو حصو رامڪليءَ کان شروع ٿي سُر بسنت تي ختم ٿئي ٿو. هن رسالي ۾ ڪن سُرن بابت ڪاتب پنهنجي طرفان ڪجهه تفصيل پڻ درج ڪيا آهن.
(28) تاج محمد نظاماڻيءَ جو لکايل قلمي نسخو: هي رسالو تاج محمد نظاماڻيءَ، مهيني ربيع الثاني، سال 1342هه/ 1923ع ۾ لکي مڪمل ڪيو، جيڪو ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي، تعلقي هالا جو ويٺل هو. هي رسالو ڪُل 282 صفحن، 35 سُرن، 2157 بيتن ۽ 100 واين تي مشتمل آهي. هن رسالي جو پهريون سُر ڪلياڻ ۽ آخري سُر بسنت آهي. ميان تاج محمد نظاماڻي، شاهه جي رسالي جي ڄاڻن مان هڪ هو. مير عبدالحسين خان سانگي، پير علي بخش شاهه ڀٽائي، صاحبڏني شاهه ۽ تاج محمد نظاماڻيءَ جون پاڻ ۾ ڪچهريون ٿينديون هيون.
(29) ولي محمد شاهه وارو قلمي نسخو: هن قلمي نسخي جي ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جو سال معلوم نه ٿي سگهيو آهي. البت هن رسالي جي پهرئين ورق تي رسالي جي مالڪ جو نالو سيد ولي محمد شاهه ولد سيد بخش علي شاهه، ويٺل ٽنڊو مير غلام حسين خان، لطيف آباد نمبر 9، حيدرآباد ڄاڻايل آهي. هي نسخو ٻن جلدن تي ٻڌل آهي. پهرئين جلد ۾ 255 صفحن تي سر ڪلياڻ کان سُر سورٺ تائين ڪلام ڏنل آهي، جنهن کان پوءِ ٻئي جلد جا 49 صفحا غائب آهن، جن ۾ سُر بيراگ هندي، سُر هير، سُر بروو سنڌي ۽ سُر مومل راڻو لکيل هئا، جيڪي هن وقت نسخي مان ضايع ٿي چڪا آهن. باقي سُر موجود آهن. ان لحاظ کان هن رسالي ۾ جملي 443 صفحا [سواءِ مٿي ڄاڻايل چئن سُرن جي]، باقي 31 سُر، 5036 بيت ۽ 317 وايون ڏنل آهن. هن رسالي ۾ موجود سُرن ۾ پهريون سُر ڪلياڻ ۽ آخري سُر بسنت بهار آهي.
(30) ميهار فقير جو لکايل قلمي نسخو: هن قلمي نسخي ۾ ڪاتب جو نالو ڄاڻايل نه آهي ۽ نه وري ڪتابت جي تاريخ معلوم ٿي سگهي آهي. هي رسالو، لطيفي درگاهه جي راڳائي خليفي ميهار فقير ولد لائق ڏني فقير هنڱورجي لکارايو هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته، “خليفو ميهار فقير، تمر فقير واري وڏي اوطاق جو سرواڻ هو، جتي گنج پڻ رکيل آهي. جيئن ته پاڻ راڳائي به هو، تنهنڪري هن رسالي ۾ تقريباً اهو سارو ڪلام شامل آهي، جيڪو درگاهه ڀٽائيءَ تي ڳايو وڃي ٿو.” خليفي ميهار فقير 58 ورهين جي عمر ۾ پهرئين ذوالحج سنه 1371هه/ 23 آگسٽ 1952ع ۾ وفات ڪئي، جنهن مان ظاهر آهي ته هي نسخو انهيءَ تاريخ کان اڳ قلمبند ٿيو هوندو. هي رسالو ڇپائڻ خاطر تحرير ڪيو ويو هو. هن نسخي ۾ ڪُل 308 صفحا، 36 سُر، ڪل 5347 بيت ۽ 325 وايون ڏنل آهن.
(31) پنهل فقير جوڻي جو لکايل قلمي نسخو: هي قلمي رسالو درگاهه ڀٽائيءَ جي ڪُنجي بردار پنهل فقير جوڻي، ڪاتب عبدالله ٿهيم کان 30 صفر 1383هه/ 6 جولاءِ 1963ع ۾ لکائي مڪمل ڪرايو. هي رسالو لاڙ ۾ هلندڙ عام روايت تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ راڳ جي ڄاڻو ابراهيم فقير خاصخيليءَ درستيون ڪيون. هن رسالي ۾ ڪُل 1018 صفحا، 39 سُر، 5885 بيت ۽ 381 وايون ڏنل آهن. هن رسالي جو پهريون سُر ڪلياڻ ۽ آخري سر بسنت آهي. هن رسالي ۾ شاهه لطيف سان منسوب ڪيترائي بيت، مختلف مضمونن سان جهڙوڪ: سُر وهاڳڙو (سرپرڀاتي)، سر سڀراج،
سر ڪانرو، سر گنواري (کنوري) پڻ شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي ميين محمد ۽ ميين حسين ڀٽائيءَ جي دستخط نسخي ۾ به ڏنل آهن.

(32) خيرپور وارو قلمي نسخو: هن قلمي رسالي ۾ ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جي تاريخ ڄاڻايل نه آهي. البته هي رسالو خيرپور جي مير صاحبن جي ملڪيت رهيو. هي نسخو انتهائي زبون ۽ ناقص حالت ۾ مليو، جنهن ۾ ڪل 1500 صفحا، 27 سُر، 2846 بيت ۽ 185 وايون ڏنل آهن. هن رسالي ۾ پهريون سُر ڪلياڻ ۽ آخري سُر مارئي آهي.
(33) محمد صالح بهراڻيءَ جو لکيل قلمي نسخو: هن رسالي جي ڪتابت محمد صالح ولد محمد خان بهراڻي، 24 ربيع الاول، سومر جي ڏينهن، 1355هه / 15 جون 1936ع تي مڪمل ڪئي. هن رسالي ۾ ڪُل 544 صفحا، 36 سُر، 4907 بيت ۽ 337 وايون ڏنل آهن. هن رسالي جو پهريون سُر ڪلياڻ ۽ آخري سُر بسنت آهي.
(34) ڪئپٽن جارج اسٽئڪ وارو رسالو: هن قلمي رسالي جي ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جو سال ڄاڻايل نه آهي، پر چيو وڃي ٿو ته ڪيپٽن جارج اسٽئڪ حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽريءَ دوران، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو مرتب ڪيو هو. اهو سال 1849ع جو آهي. البت هن نسخي کي تهران (ايران) جي ڪتبخاني ‘ڪتبخانه ملي ملڪ’ ۾ اندازً 1304هه/ 1886ع ۾ داخل ڪيو ويو. هن رسالي ۾ ڪُل 284 صفحا آهن ۽ هي رسالو ڪُل 24 سُرن، 1714 بيتن ۽ 74 واين تي مشتمل آهي. هي رسالو سُر سسئيءَ کان شروع ٿي سُر ڪيڏاري تي ختم ٿئي ٿو.
(35) آخوند فضل عليءَ جو لکيل رسالو: هي قلمي نسخو آخوند فضل علي ولد محمد حافظ، 17 ذوالحج 1229هه/ 30 نومبر 1814ع ۾ لکيو. هي رسالو هن وقت انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي. هي رسالو ڪُل 302 صفحن، 35 سُرن، 2909 بيتن، 220 واين ۽ آخر ۾ هڪ ٽيهه اکريءَ تي مشتمل آهي. هن رسالي جو پهريون سُر ڪلياڻ ۽ آخري سُر ڍول مارو آهي.
(36) ميين نور محمد ۽ سندس فرزند جو لکيل نسخو: هي قلمي نسخو ٽن ڪاتبن هٿان تحرير ٿيو، جن ۾ پهريان سُر ڪلياڻ کان وٺي سُر آبريءَ تائين [شروع وارا 9 سُر، صفحي 1 کان وٺي 112 صفحي تائين] خليفي ميان نور محمد شيخ ولد محمد شفيح، تاريخ 15 ذوالقعد 1283هه/
21 مارچ 1867ع ۾ لکي مڪمل ڪيا. جنهن بعد سر معذوريءَ کان وٺي سُر کاهوڙيءَ تائين [ڪُل 10 سُر، صفحي 155 کان وٺي صفحي 207 تائين] ميين نور محمد جي فرزند شيخ دوست محمد، تاريخ 20 محرم الحرام 1284هه / 24 مئي 1867ع ۾ لکيا. ان بعد رسالي جا باقي سُر [صفحي 212 کان وٺي 317 صفحي تائين] فقير ميان احمد ولد مرحوم حاجي محمد، سال 1284هه/ 1867ع ۾ لکي رسالو مڪمل ڪيو.
هي رسالو 324 صفحن تي مشتمل آهي ۽ سُر ڪلياڻ کان شروع ٿي سُر ڍول مارو تي ختم ٿئي ٿو. هي رسالو وڏيءَ اهميت وارو ليکجي ٿو. جيئن ته مخدوم ميون نور محمد وڏو عالم ۽ فاضل شخص هو، جنهن هن رسالي ۾ تصوف جي باريڪ نُڪتن جي شرح ڪئي آهي. قرآن شريف جي آيتن ۽ حديثن توڙي مشهور عربي قولن ۽ پهاڪن کي شامل ڪري انهن جي فارسيءَ ۾ معنيٰ لکي اٿس. اُن کان علاوه فارسيءَ جي وڏن شاعرن، شيخ سعدي، مولانا رومي، خواجه حافظ، مولانا جامي، شيخ عطار جا شعر به حوالن طور ڏنا ويا آهن ۽ بعضي پنهنجو توڙي ٻين شاعرن جو ڪلام پڻ ڏنو ويو آهي.
(37) فقير لعل محمد لاڙڪ جو لکيل قلمي نسخو: هي قلمي نسخو فقير لعل محمد لاڙڪ ولد فقير اسماعيل لاڙڪ، 10 شوال بروز اربعا، 1329هه / 4 آڪٽوبر 1911ع ۾ لکيو. هن رسالي جا شروعاتي ڪجهه صفحا ڦاٽل آهن. هي رسالو 813 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪُل 35 سُر، 4838 بيت ۽ 390 وايون ڏنل آهن. هن رسالي جو پهريون سُر ڪلياڻ ۽ آخري سُر بسنت هندي آهي.
(38) ميان عبدالڪريم طبيب ٺٽويءَ جو قلمي نسخو: هن رسالي ۾ ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جي تاريخ ڄاڻايل نه آهي. هن رسالي ۾ تمر فقير جي ڪجهه ڪلام هجڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ هي رسالو سُرن جي ترتيب ۽ بيتن جي سٽاءَ جي لحاظ کان برٽس ميوزيم واري رسالي سان مشابهت رکي ٿو. هي رسالو ڪُل 460 صفحن تي مشتمل آهي ۽
سُر سسئيءَ کان شروع ٿي، سُر شينهن ڪيڏاري تي ختم ٿئي ٿو.
(39) ميان عبدالڪريم طبيب ٺٽويءَ جو قلمي نسخو-2: هن رسالي جي ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جو سال معلوم نه ٿي سگهيو آهي. هي رسالو، شاهه صاحب جي رسالي جي آڳاٽن نسخن ۾ شمار ٿئي ٿو.
[نوٽ: هن رسالي جي صفحن، سُرن، بيتن ۽ واين جي تعداد جو صحيح پتو نٿو پوي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب ‘شاهه جي رسالي جا سرچشما’ ۾ هن نسخي بابت گهربل ڄاڻ ڏنل نه آهي.]
(40) ميان عبدالڪريم طبيب ٺٽويءَ جو قلمي نسخو-3: هن قلمي نسخي ۾ ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جو سال ڄاڻايل ناهي. هڪ اندازي موجب هي رسالو 1841ع جو تحرير ڪيل ڄاڻايو وڃي ٿو. هن رسالي ۾ ڪُل 884 صفحا ۽ 31 سُر آهن. هن رسالي جو پهريون سُر ڪلياڻ ۽ آخري سُر بسنت آهي.
(41) شهداد جماليءَ وارو رسالو: هي رسالو سن 1300هه/ 1882ع کان اڳ يا پوءِ بمبئيءَ مان شايع ٿيندڙ شاهه جي رسالي جي پهرئين ڇاپي 1283هه/ 1866ع ۾ ۽ ان بعد بمبئيءَ مان شايع ٿيندڙ شاهه جي رسالي جي ٻئي ۽ نئين ڇاپي 1292هه/ 1875ع کي سامهون رکي اُتارو ڪيو ويو. ڪاتب پنهنجو نالو ‘ڄٽ ڄاموٽ الله محمد ناليدار’ ۽ ٻيءَ عبارت ۾ ملڪيت ‘شهداد جمالي پٽ قاسم جمالي’ ڄاڻايو آهي. هي رسالو سُر ڪلياڻ کان شروع ٿي سُر بسنت تي ختم ٿئي ٿو ۽ آخر ۾ سسئيءَ جي ٽيهه اکري ڏني وئي آهي.
(42) سيد حاجي شاهنواز جو لکايل رسالو: هي قلمي نسخو قاضي سومري نالي ڪاتب 1355هه / 1936ع ۾ پڳدار حاجي شاهنواز، درگاهه محمد حسن شاهه ڳوٺ جوڻ، تعلقي گولاڙچيءَ لاءِ لکيو. هي رسالو ڪنهن صحيح نسخي تان نه اُتاريو ويو آهي، جنهنڪري منجهس ڪيتريون غلطيون آهن، ان ڪري ان جي تصديق حاجي شاهنواز شاهه پنهنجي هٿ اکرن سان رسالي تي لکي ڪئي آهي. هن رسالي جو پهريون سُر ڪلياڻ ۽ آخري سر ڍول مارو آهي. هي رسالو درگاهه جي پڳدار علي مير شاهه وٽ پيل هو.
(43) پيرل ٿيٻي وارو قلمي رسالو (اڻپورو): هي رسالو 1373هه/ 1953ع ۾ تحرير ڪيو ويو هو. هي رسالو زبون حالت ۾ حاصل ڪيو ويو، جنهن ۾ باقي 28 سُر محفوظ رهي سگهيا آهن. هن رسالي جي سُرن جي ترتيب بمبئيءَ واري ڇاپي جهڙي آهي. هن رسالي ۾ 3970 بيت ۽ 290 وايون ڏنل آهن.
(44) مير علي احمد خان وارو قلمي نسخو: هي رسالو خوبصورت ۽ پڪي رسم الخط ۾ تحرير ٿيل آهي. هن رسالي ۾ سُر بلاول ۽ سُر ڍول مارو ٻه ڀيرا لکيل ڀائنجي ٿو، ”هي رسالو سر ڪلياڻ کان شروع ٿئي ٿو، پر موجوده صورت ۾ جيڪو سڄو سُربستو سُر شروع ۾ رکيل آهي، سو آهي ’سرود سسئي‘. ان جي مٿئين صفحي تي لکيل عبارت مان ڀائنجي ٿو ته هي رسالو سُر سسئيءَ سان شروع ڪيل آهي.“ هن رسالي ۾ ڪُل 29 سُر، 2064 بيت ۽ 11 وايون ڏنل آهن.
(45) محمد اسماعيل ڀٽيءَ جو دستخط نسخو: هي قلمي رسالو سجاده نشين درگاهه سيد ميان شير محمد شاهه ڀٽائيءَ جي چوڻ تي درگاهه لونگ فقير جي مريد محمد اسماعيل ڀٽيءَ، تاريخ 23 محرم الحرام 1342هه/ 6 سيپٽمبر 1923ع ۾ لکي مڪمل ڪيو. سُر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ هن رسالي ۾ 36 سُر، 4931 بيت ۽ 314 وايون ڏنل آهن.
(46) تاج محمد نظاماڻيءَ جو دستخط نسخو: هن رسالي جي ڪتابت جي تاريخ معلوم ٿي نه سگهي آهي. البت هي رسالو تاج محمد نظاماڻيءَ جو لکيل آهي. هن رسالي کان پهرئين به هڪ رسالو ڄاڻايل شخص جو لکيل آهي، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. هن رسالي جي هر هڪ سر جي خاتمي کانپوءِ ساڳئي سُر جا ڪافي بيت ‘متفرقه’ جي عنوان سان لکيل آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب: ”جيتوڻيڪ شروع يا آخر ۾ ڪاتب جو نالو لکيل ڪونهي، پر صورتخطيءَ جي سٽاءُ مان صاف ظاهر آهي ته هن رسالي جو ڪاتب تاج محمد نظاماڻي خود ئي آهي. هن رسالي ۾ ڪُل 36 سُر، 5488 بيت ۽ 35 وايون ڏنل آهن.
(47) فقير ابوبڪر جو لکيل مختصر مجموعو: شاهه صاحب جي رسالي جي ٽن سرن مان چونڊيل هي مختصر قلمي نسخو فقير ابو بڪر، تاريخ 25 ذوالقعد 1206هه/ 15 جولاءِ 1792ع ۾ تحرير ڪيو. دراصل هي منتخب ۽ مختصر مجموعو آهي، جنهن ۾ سروار بيتن ۽ واين جو تعداد؛ سر سسئيءَ ۾ 310 بيت ۽ 23 وايون، سر مومل راڻي ۾ 15 بيت ۽
2 وايون، سر عمر مارئيءَ ۾ 82 بيت ۽ 6 وايون آهن. هن مختصر رسالي ۾ جملي 407 بيت ۽ 31 وايون ڏنل آهن. هن وقت تائين شاهه صاحب جي ڪلام جا جيڪي به رسالا مليا ۽ معلوم ٿيا آهن، تن ۾ هي مختصر رسالو سڀني رسالن کان جهونو آهي.
(48) ظفر ڪاظميءَ وارو اڻپورو رسالو: هي رسالو به اوائلي دؤر جو ليکجي ٿو، جنهن جو فقط اڌ دستياب ٿي سگهيو آهي، باقي اڌ يا ته ضايع ٿي چڪو آهي يا اڃا تائين ملي نه سگهيو آهي. هي اڻپورو رسالو ڏهن سرن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪُل 224 صفحا آهن. هن رسالي جي شروعات سر سسئيءَ کان ٿئي ٿي ۽ ان جو سر ڪاموڏ تي خاتمو ٿئي ٿو. هن رسالي کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ترتيب ڏنل شاهه جي ڪلام جي ٽئين جلد ۾ سُر بلاول ۾ ڪم آندو آهي.
(ٻ) شاهه جا رسالا (ڇپيل):
شاهه جو رسالو (ارنيسٽ ٽرمپ): جرمن جي عالم ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جو ترتيب ڏنل هي شاهه جو رسالو، پهريون ڇاپي رسالو آهي. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ انگريز دور ۾ سنڌ آمد دوران ڀٽ شاهه ۾ شاهه جي فقيرن کان شاهه جو ڪلام ٻڌي متاثر ٿيو. ان بعد شاهه جو ڪلام فقيرن کان هٿ ڪري، ان کي ترتيب ڏنائين. ترتيب وقت هن سنڌي الف- ب جي تختي به تيار ڪئي/ ڪرائي، جيڪا ’ٽرمپ جي سنڌي‘ سڏجي ٿي. هن جرمنيءَ جي شهر لئپزگ مان پنهنجي تيار ڪيل صورتخطيءَ ۾ شاهه جو رسالو 1866ع ۾ شايع ڪرايو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي رسالي کي ان ڪري به خاص اهميت حاصل آهي، جو سڀ کان اڳ هڪ پرڏيهي عالم، پهريون ڀيرو شاهه جو رسالو سنڌي صورتخطيءَ ۾ شايع ڪرايو هو.
ڊاڪٽر ٽرمپ جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي ۾ ڪل ڇويهه سُر: سُر ڪلياڻ، جمن ڪلياڻ، کنڀات، سريراڳ، سامونڊي، سهڻي، سارنگ، ڪيڏارو، آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري، حسيني، سورٺ، برووسنڌي، مومل راڻو، کاهوڙي، رامڪلي، رِپ، ليلا چنيسر، بلاول، ڏهر، ڪاپائتي، پرڀاتي، گھاتو ۽ آسا شامل آهن. 739 صفحن واري هن رسالي ۾ شاهه جا بيت ۽ وايون شامل آهن. هن رسالي جو ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ پهريون ڇاپو 1985ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي، ڀٽ شاهه، حيدرآباد طرفان شايع ٿيو، ان جو ٻيو ۽ وري ٽيون ڇاپو به سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ، 2008ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 400 روپيا آهي.
شاهه جو رسالو (بمبئي ڇاپو): هي شاهه جو رسالو 1283هه/ 1867ع ۾ بمبئيءَ ۾ ڇپيو، جنهن جي ڪتابت حاجي محمد ڪرناني سمي جي ڪيل آهي. هي رسالو ايترو ته مقبول ٿيو، جو ڇپائيءَ واري سال کانپوءِ پهرئين ڏهاڪي ۾ ختم ٿي ويو. انهي ڪري هن جو ٻيو ڇاپو مطيع حيدري، طرفان 1292هه/ 1875ع ۾ شايع ٿيو، اهـو ٻيـو بمبئـي ڇـاپـو به پهرئيـن ئـي ڏهـاڪـي انـدر خـتـم ٿـي ويـو. سـنـڌي پڙهندڙن ۾ جيئن پوءِ تيئن بمبئيءَ مان ڇپيل ‘شاهه جي رسالي’ جي مقبوليت وڌندي وئي، جنهنڪري هڪٻئي پٺيان 1303هه/ 1886ع (مطبع ڪريمي)، 1306هه/ 1888ع (مطبع صفدري)، 1310هه/ 1892ع (مطبع حيدري)، 1317هه/ 1899ع (مطبع صفدري)، 1329هه/ 1911ع (مطبع ڪريمي) ۽ 1340هه/ 1921ع (مطبع ڪريمي) طـرفـان ڇـهـه ٻيا بمبئـي ڇاپا شايع ٿيا. انهيءَ بمبئـيءَ واري اصلوڪـي
ڇاپي کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اوقـاف کـاتـي ۽ عـلامـه قـاضـي رسـالـو تحقيقي رٿا جي تعاون سان ٻيهر شايع ڪرڻ جي رٿا پيش ڪئي، جنهن کان پوءِ تفصيلي مقدمي سان هي بمبئيءَ وارو رسالو اصلوڪي صورت ۾ اوقاف کاتي ۽ علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا طرفان 1416هه/1995ع ۾ شايع ڪرايو ويو. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 510 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 350 روپيا آهي.
شاهه جو رسالو: برک ليکڪ مدد علي سنڌيءَ جي مضمون شاهه لطيف ۽ سنڌ موجب شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سنڌ مان پهريون ڀيرو سنڌي ٽـائيـپ تـي شـايـع ٿيـل رسـالو تاراچـند شـوقيـرام آڏواڻـيءَ جو آهي. اهو رسالـو
14 ڊسـمبر 1900ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو بمـبـئي عـلائقـي جـي سرڪـاري تعليـم کاتي طرفان مرڪنٽائيل اسٽيم پريس، ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو. هي رسالو ڊيمي سائيز جي 566 صفحن تي مشتمل هو. هن ڇاپي ۾ سنهي ٽائيپ ۾ موجوده صورتخطي اختيار ڪيل آهي. هن ڇاپي ۾ جملي 3316 بيت ۽ 225 وايون ڇپيل آهن. رسالي جي منڍ ۾ مرتب پنهنجي طرفان مهاڳ لکيو آهي، جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته مرتب قلمي ذخيرن مان توڙي بمبئي ۽ ٽرمپ ڇاپن مان استفادو ڪيو. اهو ڪونه ڄاڻايو ويو آهي ته مرتب جي آڏو ڀٽ جو ڪهڙو قلمي نسخو هو، يا ٻيو ‘دستخطي رسالو’ ڪهڙو هو، نه وري بمبئي ڇاپي جي سن جو حوالو ڏنل آهي. هي ڇاپو ترتيب وار ٽي ڀيرا 1900ع، 1909ع ۽ 1923ع ۾ شايع ٿيو.
شاهه جو رسالو (قليچ بيگ): شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو پهريون ڀيرو 1913ع ۾ ڇپيو، جيڪو پوڪرداس پبلشر ڇاپيو هو. هن رسالي ۾ سُرن جي فهرست ۽ فصلن جو تفصيل سـاڳـيـو سـرڪـاري رسـالـي وارو رکيـو ويــو آهـي، جيڪـو سـرڪــار 1900ع ڌاري پهريان تعليم کاتي پاران ڇاپيو هو.
مرزا قليچ بيگ هن رسالي ۾ شاهه لطيف جي ڪلام جا 37 سُر شامل ڪيا آهن. جن جي ترتيب هن ريت آهي: (1) ڪلياڻ، (2) يمن ڪلياڻ،
(3) کنڀات، (4) سريراڳ، (5)، سامونڊي، (6) سهڻي، (7) سارنگ،
(8) ڪيڏارو، (9) سسئي (آبري) ابيات ۽ متفرقه، (10) معذوري، (11) ديسي (ٽيـهه اکـريءَ سميت) (12) ڪـوهيـاري، (13) حـسيـنـي، (14) سـورٺ،
(15) بيراڳ هندي، (16) ابيات مثنوي، (17) هير رانجهو، (18) بروو سنڌي، (19) مومل راڻو، (20) کاهوڙي، (21) رامڪلي (ٽيهه اکريءَ سميت) (22) رپ، (23) ليلان چنيسر، (24) بلاول، (25) ڏهر، (26) ڪاپائتي (مَت سميت)،
(27) پرڀاتي، (28) گهاتو، (29)، شينهن ڪيڏارو، (30) آسا، (31) مارئي،
(32) ڍول مارئي، (33) ڌناسري، (34) پورب، (35) ڪاموڏ، (36) ڪارايَل، (37) بسنت بهار. هن رسالي جو ٻيو ڇاپو 1923ع ۾ شڪارپور مان ڇپيو، جنهن بعد محمد يوسف برادرس 51/1950ع ڌاري حيدرآباد مان ان جو ٽيون ڇاپو ڇپايو. هن رسالي جو چوٿون ڇاپو 1994ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ پاران ڇپايو ويو آهي. ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل هن رسالي ۾ پهرئين ڇاپي وارو مواد جيئن جو تيئن ڇاپيو ويو آهي. هن رسالي جا ڪل 922 صفحا آهن. جنهن جي پڪي بائنڊنگ واري جلد جي قيمت 100 روپيا ۽ ڪچي جلد جي قيمت 50 روپيا آهي. تنهن کان سواءِ هي ڇاپو دهليءَ مان حڪومتي اداري پاران به شايع ٿيو آهي.
شاهه جو رسالو (گربخشاڻي): هي شاهه جو رسالو ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو ترتيب ڏنل آهي، جيڪو ٽن جلدن ۾ ترتيبوار پهريون جلد 1923ع ۾، ٻيو جلد 1924ع ۾ ۽ ٽيون جلد 1931ع ۾ شايع ٿيو. هنن جلدن ۾ ڪل 18 سر ڏنل آهن، جن ۾: سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر کنڀات، سر سريراڳ، سر سامونڊي، سر سهڻي، سر سسئي آبري، سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوهياري، سر حسيني، سُر ليلا چنيسر، سر مومل راڻو،
سر مارئي، سر ڪاموڏ، سر گهاتو، سر سورٺ ۽ سر ڪيڏارو موجود آهن، انهن سرن جي آخر ۾ هر هڪ سر جي تفصيلي شرح ۽ ان ۾ موجود داستانن جي ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي پڻ ڏنل آهي. شروع ۾ ‘مقدمه لطيفي’ به شامل آهي، جنهن ۾ شاهه صاحب جي سوانح ۽ شاعريءَ بابت ڏهه باب آهن، جن مان باب پهرئين ۾ شاهه جي سوانح عمري، باب ٻئي ۾ شاهه جي صورت ۽ سيرت، باب ٽئين ۾ شاهه جو مذهب، باب چوٿين ۾ ويدانت ۽ تصوف، باب پنجين ۾ شاهه جو شعر ۽ شاعري، باب ڇهين ۾ شاهه جي شعر جو مضمون ۽ عبارت، باب ستين ۾ شاهه جو نظم، باب اٺين ۾ شاهه جي سنڌي،
باب نائين ۾ شاهه جون نحوي بناوتون ۽ ڏهين باب ۾ رسالي جي تصنيف ۽ تاليف بابت تفصيلي معلومات ڏنل آهي، انهن ٽنهي جلدن کي هڪ جلد ۾ ترتيب ڏياري، حميد آخوند، 1979ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران پهريون ڇاپو شايع ڪرايو. 790 صفحن تي ڊبل ڪرائون سائيز ۾ پڪي جلد سان هن هڪ جُلدي رسالي جو ٻيو ڇاپو 1985ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 1992ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي. ان کانپوءِ به هن رسالي جا ايڊيشن اشاعت هيٺ ايندا رهيا آهن.
شاهه جو رسالو (ڏيپلائيءَ وارو): هي شاهه جو رسالو نامور اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ ترتيب ڏنو هو. هن ۾ ان وقت جي لحاظ کان ٻين رسالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سُر ۽ بيت شامل آهن. ‘عرض حال’ ۾ م. ع. ڏيپلائيءَ لکيو آهي ته ورهاڱي بعد ‘هندن جي وڃڻ کان پوءِ معنيٰ سان خواهه، بنا معنيٰ رسالي جي اَڻاٺ ٿي پئي، ان ڪري شاهه صاحب جي ڪن محبتين گڏجي، حيدرآباد سنڌ ۾ ‘دفتر لطيفي’ کوليو. ان پاران ڇپايل رسالي ۾ جيڪي خوبيون ڄاڻايل آهن، تن ۾ موضوع پڙهڻي ۽ بهتر صورتخطي، اُچارن جي درستي شامل آهي. ڇٽيهن سُرن سان گڏ ابيات مثنوي، سسئيءَ جي ٽيهه اکري، رامڪليءَ جي ٽيهه اکري، ڪاپائتيءَ جي مَت به شامل ڪئي وئي آهي. هي ڇاپو، وڏي سائيز جي 306 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ‘دفتر لطيفي’، اسٽيشن روڊ، حيدرآباد سنڌ پاران مارچ 1951ع ۾ ڇپايو ويو. هن رسالي جي سادي ڪاغذ تي ڇپيل ايڊيشن جي قيمت 7 روپيا ۽ اُچي ڪاغذ تي چپيل ايڊيشن جي قيمت 12 روپيا آهي.
شاهه جو رسالو (صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ): ورهاڱي کانپوءِ ‘شاهه جي رسالي’ جا سنگي ۽ ليٿو ڇاپا گهڻي قدر اڻلڀ ٿي ويا هئا. ان ڪري، خان بهادر محمد صديق ميمڻ شاهه ڀٽائيءَ جو رسالو، ممبئيءَ جي ‘ڪريم ڇاپ خاني’ وارو قديم نسخو هٿ ڪري، سنڌ جي عالم، اديب، شاعر ۽ ڪاتب، محمد بخش ‘واصف’ کان ان جي هوبهو خوبصورت نقل ڪتابت ڪرائي، موجوده سنڌي صورتخطيءَ ۾ لـيـٿـو ۾ شـايع ڪـرايو. دراصل بمبئيءَ وارو ڇاپو، 100 سال اڳ، قاضي ابراهيم بن قاضي نور محمد ‘مطبع حيدريءَ’ مان شايع ڪرايو هو. اُن وقت ميان محمد هالن واري ۽ آخوند عبدالرحيم ‘وفا’ عباسيءَ وٽ ‘شاهه جي رسالي’ جا اڪثر سڀ قديم نسخا موجود هئا ۽ اُهي پاڻ حال حيات هئا. هيءُ نسخو
انهن جي مدد ۽ سهڪار سان تيار ڪري بمبئيءَ مان ڇپايو ويو.
ســنـڌ مـسلـم ادبـي سوسـائٽيءَ جو هي عظيم ڪارنامـو آهـي، جنهن
محمد صديق ميمڻ جو محمد بخش واصف جي ڪتابت وارو هي نسخو ڇپايو. هن رسالي ۾ 36 سُر آهن، جن جي ترتيب سُر ڪلياڻ کان وٺي
سُر بسنت تائين آهي. هن نسخي ۾ هير رانجهو، ڪاپائتي، پرڀاتي،
ڍول مارو، ڌناسري ۽ بسنت اهڙا سُر آهن، جن کي پوين مرتبن گهڻي ڀاڱي شاهه جي رسالي مان خارج ڪري ڇڏيو آهي. هي رسالو 1951ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
شاهه جو رسالو (ڪلياڻ آڏواڻي): حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو هي رسالو، نامور محقق ۽ شارح ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو ترتيب ڏنل آهي. هن رسالي ۾ جيڪا ترتيب اختيار ڪئي وئي آهي، سا هيءَ آهي،
شاهه جو ڪلام، موجوده صورتخطيءَ ۾ پيش ڪيو ويو آهي ته جيئن پڙهندڙن کي ڪا به تڪليف نه ٿئي. مڙني (30) سرن جي داستانن مان صرف اهي وايون ۽ بيت ڏنل آهن، جن ۾ ٻوليءَ توڙي خيال جي لحاظ کان، شاهه جي رسالي جو سمورو جوهر سمايل آهي. هر سُر اڳيان ان جو قصو ۽ تمثيل پيش ڪري، ان جا مکيه خيال ظاهري توڙي باطني درج ٿيل آهن. هر هڪ بيت جي سامهون، ان جي سمجهاڻي، سليس عبارت ۾ ڏني وئي آهي. ڏکين لفظن جي معنائن ۽ اعرابن ۾ ڪا به ڪفايت نه ڪئي وئي آهي. رسالي جي آغاز ۾ شاهه صاحب جي زندگيءَ جو سمورو احوال ‘شاهه جي ڪلام ۾ سندس شخصيت جو عڪس’ جي عنوان هيٺ ڏنل آهي ۽ سندس ڪلام جي روشنيءَ ۾ سندس شخصيت جي سهڻي نموني اپٽار ڪئي وئي آهي. رسالي جي ابتدا ۾ سر ڪلياڻ ۽ آخر ۾ سر بلاول ڏنو ويو آهي. رسالي جو مهاڳ خود مرتب جو لکيل آهي. هيءُ رسالو ڊيمي سائيز ۾ پهريون ڀيرو آگسٽ 1958ع ۾، هندستان ڪتاب گهر ڇپيو هو، جڏهن ته هن رسالي جا سنڌ ۾ اڻ ڳڻيا ڇاپا شايع ٿيا آهن. هندستان ۾ ٽي ڇاپا پڌرا ٿيا آهن، جڏهن ته سنڌ
۾ مڪتبه برهانيه، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، روشني پبليڪيشن حيدرآباد، ۽ سنڌ تحقيقي بورڊ ۽ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڪيترائي ڇاپا ڇپايا ويا آهن ۽ ڇپجندا رهن ٿا. هن رسالي جا ڪرائون سائيز ۾ پڻ سنڌيڪا اڪيڊمي، روشني پبليڪيشن ۽ سنڌ تحقيقي بورڊ ڪيترا ڇاپا پڌرا ڪيا آهن ۽ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ هن رسالي جا (اڻ ڳڻپ) ڇاپا پڌرا ٿيا آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ هي رسالو وڪرو ٿيندو رهي ٿو. هن رسالي جو سنڌيڪا اڪيڊميءَ، پهريون ڇاپو 2006ع ۾ ڇپايو هو، جنهن جي قيمت 200 روپيا هئي. روشني پبليڪيشن جي پنجين ڇاپي (1993ع) جي قيمت 150 روپيا ۽ ڪرائون سائيز چوٿين ڇاپي (2009ع) جي قيمت 180 روپيا آهي.
شاهه جو رسالو (مرتب: آءِ آءِ قاضي): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو هي نسخو، شاهه جي پارکو ۽ وڏي عالم علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي محنت سان تيار ٿيو. هن رسالي ۾ قاضي صاحب لطيف جي ڪلام جا 29 سـُر: ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، کنڀات، سورٺ، آسا، پرڀاتي، رامڪلي، کاهوڙي، پورب، بلاول، سارنگ، سريراڳ، سامونڊي، ڪاموڏ، آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري، حسيني، ليلا چنيسر، مومل راڻو، بروو سنڌي، ڏهر، گهاتو، ڪاپائتي، رپ، ڪارايل، مارئي ۽ سهڻي شامل ڪيا آهن. جڏهن ته سـُر ڪيڏارو هن رسالي ۾ شامل ناهي. قاضي صاحب جو مرتب ڪيل هي ’شاهه جو رسالو‘ سنڌي ادبي بورڊ پاران 1961ع ۾ پهريون ڀيرو شايع ٿيو. ان کانپوءِ 1986ع ۽ پوءِ 1993ع ۾ به سندس نوان ڇاپا بورڊ پاران شايع ڪيا ويا. هن رسالي جي خوبي اها به آهي ته بيتن ۽ واين ۾ اعرابين جو خاص خيال رکيو ويو آهي ته جيئن پڙهڻي درست رهي ۽ گڏوگڏ رسالي جي آخر ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ واري پٽي پڻ شامل ڪيل آهي. ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل هي رسالو 875 صفحن تي مشتمل آهي.
شاهه جو رسالو (پاڪيٽ سائيز): هي پاڪيٽ سائيز رسالو محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو ترتيب ڏنل آهي، جيڪو شيخ غلام علي اينڊ سنز پاران اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان، سال 1963ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن ۾ شاهه جا 34 سُر شامل هئا. هن پاڪيٽ سائيز 446 صفحن تي مشتمل رسالي جي قيمت 5 روپيا ڄاڻايل آهي. رسالي جو ٻيو ايڊيشن آڪٽوبر 2009ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور ڇپايو، جيڪو 707 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 280 روپيا آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون وايون ۽ ڪافيون (ڪتاب): سنڌ جي سياست توڙي ادب جي حوالي سان جي ايم سيد جو نالو گھڻي اهميت رکي ٿو. سندس ترتيب ڏنل هن شاهه جي ڪتاب ۾ شاهه سائينءَ جون مختلف سُرن ۾ چيل ۽ ڇپيل وايون ۽ گھڻي ڀاڱي اڻچيل ڪافيون سهيڙيون ويون آهن. ڪتاب ۾ شامل وايون مرزا قليچ بيگ جي ڇاپي شاهه جي رسالي تان وٺڻ بعد انهن کي گورنمينٽ بُڪ ڊيپو جي ڇپايل رسالي، غلام محمد شاهواڻي، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ترتيب ڏنل شاهه جي ڇاپي رسالن سان ڀيٽڻ بعد شامل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 185 ڪافيون ٽن ڇاپي ۽ ٻارهن قلمي ذخيرن مان هٿ ڪري ڪتاب ۾ شامل ڪيون ويون آهن. انهن متعلق جي ايم سيد لکي ٿو ته، هن مجموعي ۾ جيڪي ڪافيون پيش ڪيل آهن. اُهي سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي نالي ۾ جھر جھنگ ڳايون وڃن ٿيون. ڪتاب ۾ سُر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، کنڀات، سريراڳ، سامونڊي، سهڻي، سارنگ، ڪيڏارو، سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪـوهيـاري، حـسينـي، سـورٺ، بـروو سـنڌي، مـومـل راڻـو، کاهـوڙي، رامڪلي، رِپ، ليلان چنيسر، بلاول، ڏهر، ڪاپائتي، پرڀاتي، گھاتو، آسا، مارئي، ڍول مارئي، ڌناسري، پورب، ڪاموڏ، ڪارايل ۽ بسنت بهار ۾ وايون ۽ ڪافيون شامل ڪيون ويون آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1968ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو 1991ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شوري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جون چونڊ وايون: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي چونڊ واين تي مشتمل هن ڪتابڙي جو مرتب غلام رسول سوز سمون ۽ ايڊيٽر مظهر يوسف آهي. هن ڪتابڙي ۾ شامل وايون غلام محمد شاهواڻيءَ جي شاهه واري رسالي تان کنيون ويون آهن. هن ڪتاب جي ارپنا هن طرح ڪيل آهي: “سنڌ جي مظلوم هاريءَ جي نالي، جنهن سنڌ جي ڌرتيءَ کي ماءُ وانگر سانڍيو ۽ پاليو، پر پاڻ سدائين بکيو رهيو.” 52 صفحن تي مشتمل هن ڪتابڙو، سنڌي ساهت گهر ڪراچيءَ، 1972ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 3 روپيا آهي.
املهه اڻ توريا: فقير امداد علي سرائي، شاهه لطيف جو وڏو عاشق هو ۽ اُن عشق ۽ جذبي هيٺ هن ڀٽائيءَ جو ڪلام، ڀارت جي علائقي ڪڇ ڀڄ جي پريي مڙس حاجي ولي محمد کان سندس والد جي گڏ ڪيل ’شاهه جي گنج‘ مان هٿ ڪيو، جيڪي بيت اڪثر ڇاپي رسالن ۾ موجود نه آهن. انهن بيتن کي هن ‘املهه اڻتوريا’ ڪتاب ۾ سهيڙيو آهي. هن ڪلام هٿ ڪرڻ دوران مولوي حاجي خميسو چانڊيو ميرپور بٺوري وارو ۽ فقير رمضان جت کورواهه وارو پڻ سندس ساٿ ۾ هئا. هنن بيتن جي ترتيب ۽ ايڊيٽنگ ٻانهي خان شيخ ڪئي، جڏهن ته ان ڪم کي مڪمل سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪرايو ۽ نظر ثاني محمد ابراهيم جويي ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ سُر يمن، سريراڳ، کنڀات، سامونڊي، سهڻي، سارنگ، ڪيڏارو، آبڙي، ديسي، ڪوهياري، حسيني، سورٺ، بروو سنڌي، راڻو، کاهوڙي، رامڪلي، رِپ، گھاتو، ڏهر، ليلان، بلاول، پورب، آسا، ڪارايل، مارئي، ڪاپائتي، پرڀاتي ۽ ڪاموڏ، ڪل اٺاويهه سُر
شامل آهن، جن ۾ بيت ۽ وايون شامل آهن. شاهه جي بيتن جو هي ذخيرو
شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي، سنڌ، ڪراچيءَ طرفان 1985ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 30 روپيا آهي.
شاهه جو رسالو: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو هيءُ رسالو 1206هه/ 1791ع ڌاري لکيل آڳاٽي قلمي نسخي تي آڌارت آهي، جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي هٿ آيو هو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ڪلچرل ڪاميٽي ڀٽ شاهه/ حيدرآباد طرفان پهريون ڀيرو 10 آڪٽوبر 1987ع تي ڇپرايو ۽ ٻيو ڀيرو 16 سيپٽمبر 1989ع تي شايع ٿيو. رسالي جي هن قلمي نسخي ۾ ٽن سرن مان چونڊيل بيتن جو اختصار ڏنو ويو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مهاڳ ۾ ڏنل حوالي موجب هي قلمي اختصار سيد گل محمد شاهه مٽيارويءَ جي مهربانيءَ سان دستياب ٿيو. ڊاڪٽر بلوچ وڌيڪ لکيو آهي ته هيءُ ڪتاب ڳوٺ کوکر ۾ رهندڙ ميمڻ حافظن جي ڪتبخاني جو هو ۽ انهن مان آخري بزرگ جي وفات بعد سندس [سيد گل محمد شاهه مٽيارويءَ جي] حوالي ٿيو. هن قلمي نسخي جو ڪاتب پڻ انهيءَ ساڳئي حافظ گهراڻي مان هو. هن رسالي جو ڪاتب فقير ابوبڪر هو، جنهن آخر ۾ پنهنجو نالو به ابجد جي انگن ۾ لکيو آهي.
هن قلمي نسخي ۾ شاهه لطيف جا ٽي سر: سر سسئي، سر مومل راڻو ۽ سر عمر مارئي ڏنل آهي، جن ۾ بيتن ۽ واين جو تعداد هن ريت آهي. سُر سسئي (بيت 320- وايون 23)، سر مومل راڻو (بيت 15- وايون 2) ۽ عمر مارئي (بيت 82- وايون 6). هن قلمي نسخي ۾ عربي- سنڌي گاڏڙ صورتخطي استعمال ڪئي وئي آهي. قلمي نسخو هڪ صفحي ۾ 4x6 انچ جي تحريري تختيءَ تي 13 سٽن ۾ ڪتابت ٿيل آهي. هن ڇاپي ۾ اکرن جي معمولي ڦيرڦار سان سڄو قلمي نسخو اصل حالت ۾ ڇپايل آهي. رسالي جي ابتدا ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مهاڳ جو انگريزي ترجمو پڻ ڏنو ويو آهي. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ هي رسالو، 138 صفحن تي مشتمل آهي. رسالي جي قيمت ڄاڻايل نه آهي.
شاهه جون وايون (مڪمل): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي واين تي مشتمل هن ڪتاب جي مرتب سرسوتي مولسنگهه بجاڻي آهي، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلياڻ آڏواڻيءَ واري رسالي تان وايون کڻي ڪتابي صورت ڏني آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه سائينءَ جي 31 سُرن مان وايون ڌار ڪري هڪ جاءِ تي گڏ ڪيون ويون آهن. ڪتاب جي مـهـاڳ ۾ ڪـلـيـاڻ آڏواڻـيءَ وائـي ۽ ڪافيءَ جو فرق بيان ڪيو آهي. ڪتاب جي مهڙ ۾ مرتب جو تعارف ڏنو ويو آهي. هر وائيءَ جي هيٺيان ڏکين لفظن جي معنيٰ پڻ ڏنل آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1988ع ۾ بمبئيءَ، هندستان مان شايع ٿيو. ٻيو ڇاپو سنڌ ۾ سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، اپريل 2004ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. 226 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.
شاهه جو رسالو (ٽِن سرن جو اختصار): شاهه جي رسالي جي ٽن سرن مان چونڊ بيت ۽ وايون چونڊي جديد صورتخطيءَ ۾ پيش ڪندي ممتاز مرزا جو هي ڪتاب ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان 1989ع ۾ شايع ٿيو. هن ۾ 1206هه ڌاري لکيل آڳاٽو قلمي نسخو آڏو رکيل آهي. اڳتي هلي ممتاز مرزا پورو گنج (رسالو) جديد صورتخطيءَ ۾ آندو ۽ اهو ثقافت کاتي طرفان اهتمام سان ڇاپيو ويو. هي چونڊ ڪلام وارو ڪتاب ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 110 صفحن تي مشتمل آهي.
شاهه جو رسالو (جلد پهريون): شاهه جي رسالي جو هي پهريون جلد، سنڌ جي نامور عالم، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف جي ڪلام جا ٻه سُر، سر ڪلياڻ ۽ سر يمن شامل آهن. هن رٿا جي ذميواري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1966ع ۾ کنئي، جنهن ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران فيصلو ڪيو ويو ته پهريائين شاهه جي رسالي جي مختلف قلمي نسخن توڙي شاهه سائينءَ جي سوانح بابت بنيادي ماخذن کي سوڌي سنواري شايع ڪيو وڃي. ان کان پوءِ رسالي جو مستند معياري متن تيار ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کـنيـو وڃـي. هـن اهـم رٿا موجـب ڊاڪـٽـر نبـي بخـش ڏهـن جـلـدن ۾
شاهه جي شاعري ۽ زندگيءَ جي احوال وغيره کي سهيڙيو آهي. هن پهرئين جلد کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ ڇهه باب شامل آهن، جن مان پهرئين ۾ شاهه عبداللطيف جي حياتيءَ جو احوال، باب ٻئي ۾ شاهه جي رسالي جي اصليت ۽ حقيقت ۽ رسالي جي قلمي نسخن ۽ ڇاپن جي سڃاڻپ، باب ٽئين ۾ رسالي جي تدوين ۽ تاريخ، باب چوٿين ۾ رسالي جي ترتيب، باب پنجين ۾ شاهه جي ڪلام جي پرک جا معيار، باب ڇهين ۾ جامع مستند متن لاءِ صورتخطي شامل آهن. رسالي جي ٻئي حصي ۾
سر يمن ڪلياڻ جو مهاڳ، سر ڪلياڻ ۽ يمن جو متن ۽ سٽ وار معنيٰ ۽ ٻنهي سُرن جا داستان ڏنل آهن. ٽئين ڀاڱي ۾ سر ڪلياڻ ۽ سر يمن جي متن جي ڀيٽ ۽ سمجهاڻيءَ سميت ڀيٽ ۽ سمجهاڻيءَ ۾ آندل وضاحتون ۽ نشانيون ڏنل آهن. رسالي جي آخر ۾ قلمي رسالن ۾ ڪاتبن جي صورتخطي ۽ صحت نامو به ڏنل آهي. هن رسالي جو مهاڳ مرتب خود لکيو آهي. شاهه جي رسالي جو هيءُ جلد شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڪاميٽي، ڀٽ شاهه 1989ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
622 صفحن تي مشتمل ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي. هن جلد (پهرئين) جو ٻيو ڇاپو ثقافت کاتي حڪومت سنڌ، 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 800 روپيا آهي.
شاهه جو رسالو (جلد ٻيو): شاهه جي رسالي جو هيءُ ٻيو جلد سنڌ جي نامور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ترتيب ڏنل آهي. جنهن ۾ شاهه جي ڪلام جا چار سُر، سر کنڀات، سر بروو، سر سريراڳ ۽ سر سامونڊي شامل آهن. هن رسالي جو مهاڳ ۽ مقدمو مرتب خود لکيو آهي. هن جلد ۾ مختلف قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ آيل بيتن ۽ واين کي ڀيٽي صحيح پڙهڻي ۽ معنائن جي تحقيق ڪئي وئي آهي. 517 صفحن تي مشتمل ڊبل ڪرائون سائيز جي هن جلد جي قيمت 350 روپيا آهي. جنهن کي شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه جي رٿا موجب 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن جو ٻيو ڇاپو، ٿقافت کاتي حڪومت سنڌ، 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
شاهه جو رسالو (جلد ٽيون): شاهه جي رسالي جو هيءُ ٽيون جلد، نامور عالم، اديب، مؤرخ لوڪ ادب جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ترتيب ڏنل آهي، جنهن ۾ شاهه جي ڪلام جا ست سُر، سر گهاتو، سر کاهوڙي، سر ڪاپائتي، سر بلاول، سر پرڀاتي، سر ڪارايل ۽ سر ڏهر شامل آهن. هن جلد جو مهاڳ ۽ مقدمو مرتب خود لکيو آهي. هن جلد ۾ مختلف قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ آيل بيتن ۽ واين جي ڀيٽ سان صحيح پڙهڻي ۽ معنائن جي تحقيق ڪئي وئي آهي. رسالي جي آخر ۾ صحت نامو پڻ ڏنو ويو آهي. 606 صفحن تي مشتمل هي رسالو شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي رٿا موجب 1994ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 350 روپيا آهي. هن جلد جو ٻيو ڇاپو، ثقافت کاتي حڪومت سنڌ، 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
شاهه جو رسالو (جلد چوٿون): شاهه جي رسالي جو هيءُ چوٿون جلد، نامور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ترتيب ڏنل آهي، جنهن ۾ شاهه جي ڪلام جا پنج سُـر: سُـر آبري، سر معذور، سر ديسي، سر ڪوهياري ۽ سر حسيني شامل آهن. هن جلد جو مهاڳ ۽ مقدمو مرتب خود لکيو آهي. هن جلد ۾ سسئي پنهونءَ جي قصي جي مکيه ڪردار سَسئيءَ جي زندگيءَ جو سراسري جائزو ورتو ويو آهي ۽ اُن جي عنوانن کي هيٺينءَ ريت ورهايو ويو آهي. سسئيءَ جي تمثيل ۾ اعليٰ فهم ۽ فڪر جا اهڃاڻ، سسئيءَ جو جامع ۽ مثالي ڪردار، شاهه، انسان جي نفسياتي ڪيفيتن جو شارح، زندگيءَ ۾ اعليٰ مقصد ۽ اُن لاءِ مسلسل جدوجهد، سَسئيءَ جي جدا جدا سُرن ۾ سمايل فڪر، سَسئيءَ جي پنجن سُرن جا راڳ، سرن ۾ سمايل ماضيءَ جي روايت جا اهڃاڻ وغيره شامل آهن. هن جلد ۾ بيتن ۽ واين جي سُر وار سٽاءَ ۽ داستان وار ترتيب سميت سرن ۾ شامل ڪلام جي صحت ۽ شاهه سان ان جي نسبت ڏنل آهي. رسالي جي آخر ۾ سسئيءَ بابت شاهه سائينءَ جي ڪلام تي مشتمل پنجن سُرن جا متن، ڀيٽ ۽ سمجهاڻيون ڏنل آهن.
هن جلد کي هڪ رٿا تحت علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد 1997ع ۾ پڌرو ڪيو. 786 صفحن تي مشتمل ڊبل ڪرائون سائيز جي هن رسالي جي قيمت 500 روپيا آهي. هن جلد جو ٻيو ڇاپو، ثقافت کاتي حڪومت سنڌ، 2014ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
شاهه جو رسالو (جلد پنجون): شاهه جي رسالي جو هيءُ پنجون جلد، نامور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ترتيب ڏنل آهي، جنهن ۾ شاهه جي ڪلام جا چار سُر، سُر راڻو، سُر ليلان، سُر ڪاموڏ ۽ سُر سورٺ شامل آهن. هن رسالي جو مهاڳ ۽ مقدمو مرتب خود لکيو آهي. هن جلد ۾ مختلف قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ آيل بيتن ۽ واين جي ڀيٽ سان صحيح پڙهڻي ۽ معنائن جي تحقيق ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب کي علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا هيٺ 1997ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڊبل ڪرائون سائيز جي 402 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي. هن جلد جو ٻيو ڇاپو، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2014ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
شاهه جو رسالو (جلد ڇهون): شاهه جي رسالي جو هيءُ ڇهون جلد، نامور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ترتيب ڏنل آهي، جنهن ۾ شاهه جي ڪلام جا چار سُر، سُر رپ، سر پورب، سر رامڪلي ۽ سُر آسا شامل آهن. هن رسالي جو مهاڳ ۽ مقدمو مرتب خود لکيو آهي. هن رسالي ۾ چئن سرن ۾ آيل بيتن ۽ واين جو معياري ۽ مستند متن ڏنو ويو آهي. مرتب، مقدمي ۾ چئن سرن ۾ سمايل فڪر ۽ راڳ جو سراسري جائزو ورتو آهي. هن جلد کي ‘علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا’ هيٺ 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. 574 صفحن تي مشتمل ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 350 روپيا آهي. هن جلد جو ٻيو ڇاپو، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2014ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 600 روپيا آهي.
شاهه جو رسالو (جلد ستون): شاهه جي رسالي جو هيءُ ستون جلد نامور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ترتيب ڏنو آهي. هن جلد ۾ شاهه جي ڪلام جا ٽي سُر، سُر مارئي، سُر سهڻي ۽ سُر سارنگ شامل آهن. هن رسالي جو مهاڳ ۽ مقدمو مرتب خود لکيو آهي. جنهن ۾ هن شامل سرن جو سرسري جائزو ورتو ويو آهي. هن جلد جي سرن جو مستند متن، تفصيلي سمجهاڻيءَ سان ڏ نو ويو آهي. مرتب هن جلد ۾ بيتن ۽ واين جي سمجهاڻيءَ سان گڏ ڏکين لفظن جي معنيٰ پڻ ڏني آهي. رسالي جي آخر ۾ صحت نامو شامل ڪيو ويو آهي. شاهه جي رسالي جي هن ستين جلد کي علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا 1998ع ۾ پڌرو ڪيو ويو. ڊبل ڪرائون سائيز جي 648 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 600 روپيا آهي. هن جلد جو ٻيو ڇاپو، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2014ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
شاهه جو رسالو (جلد اٺون- نائون): شاهه جي رسالي جو هيءُ گڏيل اٺون- نائون جلد نامور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ترتيب ڏنل آهي. هن گڏيل جلد ۾ شاهه جي ڪلام جا 29 سُر شامل آهن. هن رسالي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ مرتب شاهه سائينءَ جي زندگي، فن ۽ فڪر تي سرسري نظر وڌي آهي. جڏهن ته ٻئي حصي ۾ شاعر جو ڪلام متن ۽ معنيٰ سان ڏنو ويو آهي. هن رسالي کي ترتيب ڏيڻ ۾ مرتب جي ٻٽيهن سالن جي تحقيق شامل آهي. پنجاهه قلمي ۽ سورهن ڇاپي رسالن جي مطالعي ۽ ڀيٽ سان هن پنهنجي نقطه نظر سان شاهه جو ڪلام صحيح صورت ۾ معياري ترتيب ۽ معنيٰ سميت ڏنل آهي. هن رسالي جو مهاڳ ۽ مقدمو مرتب جو لکيل آهي. مقدمي کي مرتب ٻن عنوانن شاهه عبداللطيف جي سوانح حيات ۽ شاهه عبداللطيف جو عرفان ۽ فڪر ۾ ورهايو آهي. مرتب جو شاهه سائينءَ جي رسالي تي ڪيل هيءُ ڪم تاريخي اثاثو آهي. رسالي جو هي جلد علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد 1999ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڊبل ڪرائون سائيز جي 548 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 500 روپيا آهي. هن جلد جو ٻيو ڇاپو، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2014ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
شاهه جو رسالو (جلد ڏهون): شاهه جي رسالي جو هيءُ ڏهون جلد نامور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ترتيب ڏنو آهي. هن رسالي کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ مرتب شاهه سائينءَ جي ڪلام جو سرسري جائزو ورتو آهي ۽ ٻئي حصي ۾ شاهه سائينءَ جي رسالي ۾ شامل ڪجهه بيتن کي ٻين شاعرن جو ڪلام قرار ڏئي ’رسالي جو ڪلام‘ سڏيو ويو آهي. هن حصي ۾ اهو ڪلام معنيٰ ۽ سمجهاڻيءَ سان گڏ ڏنو ويو آهي. مرتب پهرئين حصي ۾ شاهه جي ڪلام تي سرسري نظر وجهندي ان کي مختلف عنوانن ۾ ورهايو آهي، جن ۾: شاهه جي رسالي ۾ شامل ٻاهريون ڪلام، ٻاهرئين ڪلام بابت رايا، گربخشاڻيءَ جو ٽرمپ جي رسالي مان ٻاهريون ڪلام کڻڻ،
سر ڪيڏاري بابت روايتون ۽ رايا. سُر ڪيڏاري جي صحيح حقيقت، رسالي مان ڌارئين ڪلام ڪڍڻ جون ڪوششون، شاهه جو ڪلام ۽ ٻئي ڪلام کي پرکڻ جا معيار، ٻين شاعرن جو ڪلام بيتن ۽ واين جو تعداد وغيره ڏنو ويو آهي. هيءُ رسالو علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا هيٺ 1996ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڊبل ڪرائون سائيز جي 855 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت ڄاڻايل نه آهي.
شاهه جو رسالو (شاهواڻيءَ وارو): غلام محمد شاهواڻيءَ جي ترتيب ڏنل شاهه جي هن رسالي ۾ شاهه جا سڀئي سُر موجود آهن. هن رسالي کي خاص عوامي مقبوليت حاصل آهي، ڇاڪاڻ جو هن کان اڳ شاهه جو مستند ڪلام وارو نسخو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ترتيب ڏنل هو، جنهن ۾ رسالي جي ٽيهن سُرن مان فقط ارڙهن سُر ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ شايع ٿيا هئا. غلام محمد شاهواڻي پنهنجي وقت جو مشهور عالم، تعليمي ماهر ۽ لطيف شناس هو. هن مختلف وقتن تي شاهه جي مختلف سُرن کي شرحن سان شايع ڪرايو هو، تنهنڪري هن ضرورت محسوس ڪندي شاهه جو مڪمل ڪلام ترتيب ڏنو. هر سُر کان پهرين ان سُر جي معنيٰ، مفهوم توڙي مضمون تي روشني وڌي اٿس، جنهن سبب هڪ عام پڙهندڙ کي ڀٽائيءَ جي ان سُر کي سمجھڻ ۾ آساني ٿئي ٿي.
شاهه جي هن رسالي ۾ 30 سُر: سُر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، کنڀات، سريراڳ، سامونڊي، سهڻي، سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري، حسيني، ليلا چنيسر، مومل راڻو، مارئي، ڪاموڏ، گھاتو، سورٺ، ڪيڏارو، سارنگ، آسا، رِپ، کاهوڙي، برووسنڌي، رامڪلي، ڪاپائتي، پورب، ڪارائل، پرڀاتي، ڏهر ۽ بلاول شامل آهن. هن رسالي جو پهريون ڇاپو 1950ع ۾ شايع ٿيو ۽ ٻيو ڇاپو ممتاز مرزا ۽ عبدالرحمان نقاش پاران موجوده صورتخطيءَ ۾ سنواريل، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ، سن 2005ع ۾ شايع ڪيو. 909 ڊيمي سائيز جي صفحن جي هن رسالي جي قيمت 350 روپيا ڄاڻائي وئي آهي.
شاهه جو گنج: هيءُ گنج سگهڙ حاجي الهداد جنجهيءَ جو سهيڙيل آهي، جنهن ۾ هن تحقيق ڪري شاهه جا نوان ۽ اڻ ڇپيل بيت پڻ شامل ڪيا آهن، اهي لاڙ ۽ ٿر جي پاسي موجود قلمي نسخن مان چونڊيا ويا آهن. هن گنج ۾ 40 جي لڳ ڀڳ سر ڄاڻايل آهن. ان کانسواءِ متفرقه بيت پڻ شامل ڪيا ويا آهن. شاهه جي هن گنج جو پهريون ڇاپو، آڪاش پرنٽرز، حيدرآباد، 1994ع ۾ ڇپيو هو، ۽ ان جي قيمت 300 روپيا رکي وئي هئي. شاهه جي هن گنج جو ٻيو ڇاپو ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2008ع ۾ شايع ڪيو آهي. ڊبل ڪرائون سائيز جي 563 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 1000 روپيا رکي وئي آهي.
گـنـج (شاهه جو رسالو): گنج شريف، درگاهه لطيفي ڀرسان، ڀٽ ڌڻيءَ جي قائم ڪيل (وڏي اوطاق) تي، تمراڻي فقيرن وٽ دستاويزي حيثيت ۾ محفوظ هو. جنهن جي هر سال 14 صفر تي عقيدت ۽ احترام سان زيارت ڪرائي ويندي آهي. هي شاهه جي رسالي جو قديم قلمي نسخو، 7 جمادي الثاني 1207هه ۾ ميين اسماعيل خان کاهوڙيءَ جي چوڻ ۽ نگرانيءَ ۾ فقير عبدالعظيم عرف وڏل شاهه (لاڙ جي ڍوري لڳ ڳوٺ رمضان جت، بدين) لکي پورو ڪيو. ممتاز مرزا پنهنجي طرفان ۾ لکيو آهي ته، “فقير عبدالعظيم نهايت سڄاڻ ۽ شاهه جي ڪلام جو وڏو ڄاڻو هو، جيئن ته لاڙ جي لهجي جي شناسائي ۽ جتن فقيرن سان سندس اٿي ويٺي هئي، تنهنڪري هن رسالي جي رهاڻ نهايت خيال سان ٻڌي ۽ منجهس لطيفي لات جو عشق ٿيو. انهيءَ عشق کيس ڀٽ جو پنڌ ڪرايو ۽ اتي پهچي ميين اسماعيل کاهوڙيءَ جي خدمت ۾ رهيو ۽ ان جي رهنمائيءَ ۾ گنج لکڻ شروع ڪيائين. ٽاڻن جي آڌار تي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته ڪاتب پاڻ به رسالي جو يادگيرو رکڻ وارو هو، جو مختلف جاين تي، جيڪي بيت ٻيهر لکيا اٿس، انهن تي ‘هــٰذا مکرر’ جو ٽاڻو ڏنو اٿس. کيس ميين شاهه ڪريم جي ڪلام جي پڻ ڄاڻ هئي، جو ضميمي طور ميين شاهه ڪريم جا 35 بيت هن عنوان سان نقل ڪيا اٿس ته:
“بعض ابيات من ڪلام حضرت ميان سلامت مدظلمھ”
فقير عبدالعظيم نهايت خوش خط ۽ وقت جي تعليم جي زيور سان آراسته هو. گنج ۾ ڪل 4041 بيت ۽ 287 وايون شامل آهن. موجوده دستياب شاهه جي ڪلام جي سرچشمن مان مڪمل رسالو، جنهن تي ڪتابتي تاريخ ۽ سن لکيل، اهو گنج هي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش جي راءِ موجب گنج کان آڳاٽا ڏهه رسالا ٻيا به آهن، جيڪي شاهه جي وفات کانپوءِ اندازاً 1165هه کان 1210هه جي چاليهن پنجيتاليهن سالن دوران لکيا ويا. گنج ۾ ڪل 29 سرود/ سُر آهن ۽ ان ۾ شاهه جي ڪلام کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام پڻ درج آهي.
هن گنج کي جديد صورتخطيءَ ۾ ممتاز مرزا آندو آهي. هن گنج ۾ هڪ صفحي تي هڪ طرف اصل گنج جو اسڪين ٿيل عڪس ڏنو ويو آهي ۽ ٻئي طرف جديد صورتخطي ڏني وئي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 250 سالا عرس [14 صفر 1415هه] جي موقعي تي شاهه جو رسالو (گنج)، عبدالحميد آخوند، سيڪريٽري ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، 1995ع ۾ جهازي سائيز ۾ خوبصورت آرٽ پيپر تي چؤرنگي ٽائٽل سان پڪي جلد ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت لکيل نه آهي.
هن گنج (شاهه جي رسالي) کي ڊيمي سائيز روپ ۾، شاهه لطيف جي 251هين عرس جي موقعي، 14 صفر 1416هه مطابق/ 1995ع تي، ٻن جلدن ۾ ممتاز مرزا جي تفصيلي مهاڳ سان شايع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ گنج جي ڪتابت، اهميت ۽ اشاعت بابت تفصيلي طور لکيو ويو آهي. هڪ جلد ۾ اصلي گنج جو عڪس شايع ڪيو ويو آهي ۽ ٻئي جلد ۾ جديد صورتخطيءَ وارو روپ ڏنو ويو آهي. گنج جي هنن ٻنهي جلدن جي اشاعت، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد طرفان ڪئي وئي آهي ۽ ٻنهي جلدن جي قيمت ٻارهن سؤ روپيا آهي.
شاهه جو رسالو (عثمان علي انصاري): هي شاهه جو رسالو مشهور عالم ۽ اديب، عثمان علي انصاريءَ جو ترتيب ڏنل آهي. هن رسالي ۾ 30 سر آهن، جن ۾ سُر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سُر کنڀات، سر سريراڳ،
سر سامونڊي، سر سهڻي، سر سسئي آبري، سر معذوري، سر ديسي، سرڪوهياري، سر حسيني، سر ليلا چنيسر، سر مومل راڻو، سر مارئي، سر ڪاموڏ، سر سورٺ، سر سارنگ، سر ڪيڏارو، سر رپ، سر بروو سنڌي، سر پورب، سر آسا،
سر رامڪلي، سر کاهوڙي، سر گهاتو، سرڪاپائتي، سر بلاول، سر پرڀاتي،
سر ڏهر ۽ سر ڪارايل شامل آهن. عثمان علي انصاري صاحب هي رسالو قلمي ۽ ڇاپي نسخن کي ڀيٽڻ کانپوءِ تيار ڪيو، جن رسالن کي سامهون رکيو ويو، تن ۾ هي رسالا شامل آهن: (1) بلڙي وارو نسخو (قلمي)، (2) ڀٽ وارو قديم نسخو (قلمي)، (3) سيوهڻ وارو قديم نسخو: جيڪو معجزاني طور حلوائيءَ وٽان عثمان علي انصاريءَ کي مليو (قلمي)، (4) ٺٽي وارو قلمي نسخو (قلمي)، (5) درٻيلي جي مخدومن وارو نسخو (قلمي)، (6) ٽرمپ وارو رسالو (1866ع)، (7) بمبئيءَ وارو رسالو (1900ع)، (8) مرزا قليچ بيگ وارو رسالو (1914ع)، (9) ديوان تاراچند شوقيرام وارو رسالو (سال 1900ع)، (10) ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وارو رسالو (ٽي جلد: 1923ع، 1924ع ۽ 1931ع)، (11) غلام محمد شهواڻيءَ وارو رسالو ۽ (12) محمد عثمان ڏيپلائيءَ وارو رسالو (1957ع). عثمان علي انصاريءَ رسالي جي آخر ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ (لغت) پڻ ڏني آهي. ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد سان 816 صفحن تي مشتمل هي شاهه جو رسالو شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1997ع ۾ شايع ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 400 روپيا آهي. هن رسالي جو ٻيو ڇاپو، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ 2015ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
شاهه جو رسالو (الف - ب وار): ڊاڪٽر محمد عالم سومري جي ترتيب ڏنل هن رسالي جي خوبي اها آهي ته شاهه جي رسالي جي سمورن بيتن ۽ واين کي الف- ب پٽيءَ جي مطابق ترتيب ڏنو ويو آهي، جنهن مان آسانيءَ سان شاهه سائينءَ جو ڪو به بيت ڳولي سگھجي ٿو. هن رسالي ۾ موجود ڪلام پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي ترتيب ڏنل ‘شاهه جي رسالي’ مان ورتو ويو آهي. شاهه جي رسالي ۾ الف- ب جي ٻاونجاهه اکرن جي پٽيءَ مان ‘ٺ، ڃ، ڊ، ز، ڙ، ض، ڱ، ڻ ۽ ء’ وغيره اکرن سان شروع ٿيندڙ بيت موجود نه آهن، تنهن ڪري هن رسالي ۾ پڻ اُهي بيت شامل نه آهن. رسالي جي آخر ۾ الف ب جي ترتيب سان رسالي جي ڏکين لفظن جي معنيٰ به ڏني وئي آهي.
الف- ب وار ترتيب سان هن شاهه جي رسالي کي روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري، 1997ع ۾ شايع ڪيو، جنهن ۾ 811 صفحا موجود آهن، جنهن جي قيمت 300 روپيا وئي آهي. جڏهن ته هن جو ٻيو ڇاپو وڏي سائيز ۾ ساڳئي اداري طرفان 2013 ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ هر سُر ۾ موجود الف- ب وار بيتن جي ترتيب ۽ آخر ۾ الف- ب جي پٽيءَ جي هر اکر سان شروع ٿيندڙ بيتن ۽ واين جو تفصيل جدا جدا چارٽن ذريعي ڏنو ويو آهي.
شاهه جو رسالو: هي رسالو علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو ترتيب ڏنل آهي، جنهن ۾ هن هر سر جي تفصيلي معلومات کان سواءِ شاهه جي بيتن ۾ موجود ڏکين لفظن جي معنيٰ پڻ ڏني آهي. هن رسالي ۾ شاهه جي تفصيلي سوانح حيات کانسواءِ هيٺيان 36 سُر موجود آهن: سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر کنڀات، سر سريراڳ، سر سامونڊي، سر سهڻي، سر سارنگ، سر ڪيڏارو، سر سسئي آبري، سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوهياري، سر حسيني، سر سورٺ، سر بيراگ هندي، سر هير رانجهو، سر بروو سنڌي، سر مومل راڻو، سر کاهوڙي، سر رامڪلي، سر رپ، سر ليلان چنيسر، سر بلاول، سر ڏهر، سر ڪاپائتي، سر پرڀاتي، سر گهاتو، سر شينهن ڪيڏارو، سر آسا، سر مارئي، سر ڍول مارئي، سر ڌناسري، سر پورب، سر ڪاموڏ، سر ڪارايل ۽ سر بسنت و بهار. ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد سان 864 صفحن تي مشتمل هي شاهه جو رسالو مهراڻ اڪيڊميءَ 1999ع ۾ شايع ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.
شاهه جو رسالو (جلد پهريون): هي شاهه جو رسالي جو پهريون جلد، شاهه لطيف جي پارکو، ٻانهي خان شيخ جو مرتب ڪيل آهي. مرتب ابتدا ۾ تفصيلي مقدمو به لکيو آهي، جنهن ۾ اهو ڄاڻايو اٿس ته: ”هي رسالو مختلف قلمي توڙي ڇاپي نسخن ۽ مشهور راڳي فقير محمد ابراهيم خاصخيليءَ جي واتان ويهه سال شاهه جو ڪلام ٻڌي ڪري تيار ڪيو اٿم ۽ فقير محمد ابراهيم کي جيڪڏهن شاهه سائينءَ جي ڪلام جو جيئرو جاڳندو رسالو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.“ مرتب هن رسالي ۾ سر ڪيڏاري بابت پڻ تفصيلي بحث ڪري انکي شاهه جو ڪلام ثابت ڪيو آهي. هن پهرئين جلد ۾ سر ڪلياڻ، سر جمن، سر کنڀات، سر سريراڳ، سر سامونڊي، سر سهڻي، سرسارنگ ۽ سر ڪيڏاري سميت 8 سر موجود آهن. رسالي ۾ هر صفحي تي موجود بيتن جي ڏکين لـفـظـن جـي معنـيٰ حاشيـي ۾ ڏنل آهـي. رسـالـي جو مهـاڳ پروفيـسـر ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل آهي. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 480 صفحن تي مشتمل هي رسالو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان مئي 2000ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.
شاهه جو رسالو (جلد ٻئو): هي شاهه جو رسالي جو ٻيو جلد، ٻانهي خان شيخ جو مرتب ڪيل آهي، ٻانهي خان شيخ جي ٽن جلدن تي مشتمل رسالي کي سڄي سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ محققن تمام گهڻو ساراهيو آهي. هن جلد ۾ سر سسئي آبريءَ کان سر راڻي تائين ڪل اٺ سُر: سر سسئي آبري، سر معذور، سر ديسي، سر ڪوهياري، سر حسيني، سر سورٺ، سر برئو سنڌي ۽ سر راڻو شامل آهن. رسالي ۾ هر صفحي تي موجود بيتن جي ڏکين لفظن جي معنيٰ حاشيي ۾ ڏنل آهي. ڪتاب جو مهاڳ پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل آهي. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 485 صفحن تي مشتمل هي رسالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان 2001ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 600 روپيا آهي.
شاهه جو رسالو (جلد ٽئو): هي شاهه جي رسالي جو ٽيون جلد، محترم ٻانهي خان شيخ جو مرتب ڪيل آهي. هن جلد ۾ سر کاهوڙيءَ کان سر ڪارايل تائين ڪل 15 سُر- سُر کاهوڙي، سر رامڪلي، سر پورب، سر بلاول، سر ليلا، سر ڏهر، سر جاجڪاڻي، سر ڪاپائتي، سر رپ، سر آسا، سر گهاتو، سر شينهن ڪيڏارو، سر مارئي، سر ڪاموڏ ۽ سر ڪارايل شامل آهن. رسالي ۾ هر صفحي تي موجود بيتن جي ڏکين لفظن جي معنيٰ حاشيي ۾ ڏنل آهي. ڪتاب جو مهاڳ پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل آهي. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 565 صفحن تي مشتمل هي رسالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ 2002ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 700 روپيا آهي.
شاهه جو رسالو (جلد 1: چئن ٻولين ۾): هي شاهه جو رسالو، ڊاڪٽر درشهوار سيد جو سهيڙيل آهي. هن رسالي جو انتساب شاهه صاحب جي محققن جي نانءِ ڪيل آهي. هن رسالي جي خوبي اها آهي ته هن ۾ هر سنڌي بيت جي هيٺان انگريزي، اردو ۽ فارسي ترجمو ڏنو ويو آهي. هن رسالي جي ترتيب جو خيال ڊاڪٽر درشهوار سيد کي ‘ديوان حافظ’ جي مختلف زبانن ۾ اشاعت کي ڏسي آيو. هن شاهه جي رسالي جي مختلف ٻولين ۾ ترجمي جو ڪم هٿ ۾ کنيو، پر سندس حياتيءَ ۾ انهيءَ سلسلي جو پهريون جلد ئي شايع ٿي سگهيو. هي منتخب ڪلام ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي جي پهرين ٽن سرن تي مشتمل آهي. هن رسالي جو فارسي ترجمو نامياري شاعر نياز همايونيءَ جو، انگريزي ترجمو پروفيسر آمنه خميساڻيءَ جو ۽ اردو ترجمو آغا سليم جو ڪيل آهي. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل هي رسالو، جولاءِ 1996ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ شايع ڪيو.
موضوع وار شاهه جو رسالو: هي ڪتاب، اصل ۾ ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ جي ترتيب ڏنل ڪتاب ‘شاهه جو چونڊ شعر’ جي نئين ترتيب آهي، جيڪا گل محمد تُنيي ڏني آهي. شاهه جي شعر کي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪرڻ جو هي هڪ نئون ۽ اثرائتو انداز آهي، جنهن ۾ نئين مرتب ڪجهه ضروري ردوبدل ڪئي آهي ۽ ڪجهه واڌارا سڌارا ڪيا آهن. هيءَ چونڊ چونڊ شاهه جي روايتي سُر وار سٽاءَ کان منفرد آهي. ‘شاهه صاحب جي زندگي ۽ سندس شاعري’ بابت هرو مل سدارنگاڻيءَ جي ابتدائي مضمون کان پوءِ موضوع وار بيت- ‘وحدت’ عنوان کان شروع ٿي، ‘صورت ساهڙ ڄام جي’ عنوان تي ختم ٿين ٿا ۽ جملي 99 عنوان شامل آهن.
اصل ڪتاب ‘شاهه جو چونڊ شعر’ ڊيمي سائيز ۾ هو، جڏهن ته هيءُ نئين ترتيب وارو ڪتاب، ڪرائون سائيز جي 271 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو پبلشر روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو، 2001 ۾ اشاعت هيٺ آيو ۽ اُن جي قيمت 100 روپيا آهي.
شاهه جو رسالو (تاج محمد نظاماڻيءَ وارو): هي رسالو درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فقير تاج محمد نظاماڻي، ويٺل ڳوٺ باقر خان نظاماڻيءَ جو ترتيب ڏنل آهي هي رسالو سن 1342هه/ 1923ع ۾ قلمي صورت ۾ لکي محفوظ ڪيو ويو هو، جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ شاهه جي قلمي رسالن بابت پنهنجن تحريرن ۾ ڪيو آهي. هن رسالي کي ڀٽائيءَ جي عقيدتمندن وٽ ان ڪري خاص اهميت حاصل آهي. هي رسالو لڳ ڀڳ هڪ سؤ سال اڳ ڀٽائيءَ جي ڪلام جي پارکو راڳائي فقير جو ترتيب ڏنل آهي. هن قلمي نسخي کي فقير علي ڏني نظاماڻي ولد فقير غلام حيدر نظاماڻيءَ، عقيدت، محبت ۽ محنت سان ڪتابي صورت ۾ سن 2007ع ۾ سُندس انٽرپرائيزز، اردو بازار، ڪراچيءَ طرفان شايع ڪرايو آهي هن رسالي جا پروف شيخ محمد اسماعيل پڙهيا هئا. رسالي جي منڍ ۾ ڀٽائي درگاهه جي ان وقت جي گادي نشين سيد نثار حسين شاهه جا تعريفي ڪلمات به شامل آهن.
فقير تاج محمد نظاماڻيءَ جي ترتيب ڏنل هن رسالي ۾ ڇٽيهه سُـر: سُـر ڪلياڻ، جمن/ يمن ڪلياڻ، کنڀات، سريراڳ، سامونڊي، سهڻي،

سارنگ، ڪيڏارو، آبڙي، معذور، ديسي، ڪوهياري، حسيني، سورٺ، بروو هندي، بروو سنڌي، راڻو، ڍول مارئي- مارو، هير رانجھو، کاهوڙي، رامڪلي، رِپ، ليلا چنيسر، بلاول، ڏهر، ڪاپائتي، وهاڳڙو- پرڀاتي، گھاتو، شينهن ڪيڏارو، آسا، مارئي، ڌناسري، پورب، ڪاموڏ ۽ بسنت بهار شامل آهن. 454 ڊبل ڪرائون سائيز جي صفحن واري هن رسالي جي قيمت 199 روپيا آهي.
شاهه جو رسالو (مڪمل): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لطيف شناسيءَ جي حوالي سان انتهائي معتبر نالو آهي. هن شاهه جي مختلف قلمي رسالن کي ڇپائڻ سان گڏ 33 سالن جي محنت کان پوءِ شاهه جو رسالو ڏهن جلدن ۾ شايع ڪرايو. ان کانپوءِ 50 قلمي ۽ 16 ڇاپي رسالن کي ڀيٽي هڪ جلد ۾ شاهه جو مڪمل ڪلام ترتيب ڏنو، جنهن ۾ شاهه جو ڪلام ۽ مختلف قلمي رسالن ۾ موجود تمر فقير جو ڪلام به ڏنو ويو آهي. ابتدا ۾ ‘شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي هڪ صديءَ کان هلندڙ تحقيق جي تڪميل’ عنوان سان ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جو تعارف شامل ڪيو ويو آهي. جنهن کانپوءِ هن رسالي جي اهميت ۽ افاديت بابت ڊاڪٽر بلوچ جو مهاڳ ۽ شاهه لطيف جي سوانح حيات شامل آهي.
هـن رسـالـي ۾ سُـر ڪـلـيـاڻ، يـمـن، کـنڀـات، بـروو، سـامـونـڊي، سِري راڳ، گھاتو، کاهوڙي، ڪاپائتي، بلاول، پرڀاتي، ڪارايل، ڏهر، آبري، معذور، ديسي، ڪوهياري، حسيني، راڻو، ليلا، ڪاموڏ، سورٺ، رِپ، پورب، رامڪلي، آسا، مارئي، سنهڙي، سارنگ، ڪيڏارو، ڌناسري، شينهن ڪيڏارو، هير رانجھو، بيراڳ هندي، ڍول مارئي، بسنت، ٽيهه اکري سسئي، تمر فقير جو ڪلام ۽ ڪلام فارسي شامل آهي. 462 صفحن واري ڊبل ڪرائون سائيز جي هن رسالي کي ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ سال 2009ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي. ساڳئي رسالي جو هڪ ڇاپو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ به ڇپائي ڪيو آهي ۽ هڪ نئون ڇاپو، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، سال 2014ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
شاهه جو گنج: هي شاهه جو گنج محمد قاسم راهمونءَ مرتب ڪيو آهي. هن ۾ اڳ ڇپيل رسالن کان رهجي ويل ڪلام سميت لڳ ڀڳ اٺ هزار بيت ۽ وايون شامل آهن. هن گـنـج ۾ ٻـه اکـر عنوان سان درگاهه ڀـٽ شــاهه تـي شـاهه جـي راڳ جي سرواڻ فقير علي ڏتي تمراڻيءَ لکيو آهي. پنهنجي پاران فقير علي ڏني خان نظاماڻيءَ ۽ مرتب پاران محمد قاسم راهمي لکيو آهي. هن گنج ۾ ڪل 36 سر ڏنا ويا آهن. گنج جي ٽائٽل تي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي روضي جي تصوير ڏنل آهي. رنگين ٽائٽل، ڊبل ڪرائون سائيز ۾ پڪي جلد سان 764 صفحن تي مشتمل ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پاران فائين ڪميونيڪيشن حيدرآباد مان 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو . هن گنج جي قيمت 800 روپيا ڄاڻايل آهي.
ڪامل جو ڪلام: هي ڪتاب پروفيسر جهمٽمل خوبچند ڀاوناڻيءَ جو ترتيب ڏنل آهي، جنهن ۾ هن شاهه جي رسالي مان شاهه جي چونڊ ڪلام کي ‘ڪامل جو ڪلام’ نالي سنواري، شاهه جي شاعريءَ کي پنجن داستانن يا دورن ۾ ورهايو آهي. پهريون شاه لطيف، مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ تي عاشق ٿي پيو ۽ دل ڏئي ويٺو، تنهن کي ‘دل جو دور’ نالو ڏنو اٿس، ٻيو جڏهن شاهه لطيف جي مائٽن کي مرزا مغل جي ڪاوڙجڻ ڪري پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏڻا پيا ته شاهه لطيف کي انتظاري بيقراري ٿي پئي، ان دور کي ‘درد جو دور’ سڏيو ويو آهي، ٽيون جڏهن شاهه لطيف سورن جو سامان ساڻ ڪري سفر تي نڪتو، ان کي ‘دنيا جو دور’ سڏيو ويو آهي، چوٿون جڏهن سفر دوران مٿس مجازي عشق پري ٿيو ۽ حقيقي عشق غالب ٿيو، ته ان کي ‘ڌڻيءَ جو دور’ نالو ڏنو ويو آهي. آخري پنجين دور ۾ شاهه جا تقريباً 500 بيت الف ب وار ڏنل آهن، تن کي ‘سونيون سٽون’ نالو ڏنو اٿس. هن ڪتاب جو ڇاپو ڀارت مان شايع ٿيو، ۽ ٻيو ڇاپو ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد سان 237 صفحن تي مشتمل، گلشن پبليڪيشن، حيدرآباد، 2011ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.
گنج (شاهه جو رسالو الف ب وار ترتيب سان): هي شاهه لطيف جو گنج الف ب وار ترتيب سان ٻن نوجوان اديبن ۽ اسڪالرن: صفدر حسين ميرزا ۽ شوڪت چاچڙ جو ترتيب ڏنل آهي. شاهه جي گنج جي نئين ترتيب دراصل نامور اديب ممتاز مرزا ڏني هئي ۽ ان جي پراڻي صورتخطيءَ کي جديد صورتخطيءَ ۾ آندو هو. ان گنج جي بيتن مان هنن ٻنهي نوجوان محققن هر بيت کي الف ب وار ترتيب سان رکيو آهي ته جيئن شاهه لطيف جي شائقن، شاگردن ۽ محققن لاءِ بيتن ڳولڻ ۾ آساني ٿئي. ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد سان 945 صفحن تي مشتمل هي گنج، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچيءَ 2012ع ۾ شايع ڪيو ويو، جنهن جي قيمت 900 روپيا آهي.
شاهه جو رسالو: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام تي مشتمل هيءُ رسالو استاد لغاريءَ جو ترتيب ڏنل آهي. هي رسالو، ‘شاهه جو ڪلام’ ۽ ‘رسالي جو ڪلام’ کي هڪ ئي جلد ۾ ڌار ڌار ڪري ترتيب ڏنو ويو آهي. ‘شاهه جو ڪلام’ مان مراد شاهه صاحب جو نج ڪلام ۽ ‘رسالي جو ڪلام’ مان مراد رسالي ۾ موجود ٻين شاعرن جو ڪلام آهي. هن رسالي جي ترتيب، مرتب هيٺين 35 رسالن کي سامهون رکي ڪئي آهي: (1) ابوبڪر فقير وارو قلمي نسخو (1206هه/1791ع)، (2) ڀٽ شاهه وارو گنج (قلمي: 1207هه/ 1792ع)، (3) نامعلوم ڪاتب وارو قلمي نسخو، (4) ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ وارو رسالو (1866ع)، (5) بمبئيءَ ڇاپي وارو رسالو (1867ع)، (6) تاراچند شوقيرام وارو رسالو (1900ع)، (7) مرزا قليچ بيگ وارو رسالو (1913ع)، (8) عبدالله سومري وارو قلمي نسخو (1931ع)، (9) غلام محمد شاهواڻيءَ وارو رسالو (1950ع)، (10) محمد بخش واصف وارو قلمي نسخو (1951ع)، (11) علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ وارو رسالو (1951ع)، (12) محمد عثمان ڏيپلائيءَ وارو رسالو (1951ع)، (13) ڪلياڻ آڏواڻيءَ وارو رسالو (1958ع)، (14) علامه آءِ آءِ قاضيءَ وارو رسالو (1961ع)، (15) شاهه جون وايون ۽ ڪافيون (جي ايم سيد: 1968ع)، (16) ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ وارو رسالو (3 جلد گڏ: 1979ع)، (17) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وارو رسالو (جلد پهريون: 1989ع)، (18) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وارو رسالو (جلد ٻيو: 1992ع)، (19) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وارو رسالو (جلد ٽيون: 1994ع)، (20) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وارو رسالو (جلد چوٿون: 1997ع)، (21) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وارو رسالو (جلد پنجون: 1997ع)، (22) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وارو رسالو (جلد ڇهون: 1995ع)، (23) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وارو رسالو (جلد ستون: 1998ع)، (24) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وارو رسالو (جلد اٺون، نائون: 1999ع)، (25) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وارو رسالو (جلد ڏهون: 1996ع)، (26) ڊاڪٽر محمد عالم سومري وارو رسالو (الف- ب وار: 1994ع)، (27) عبدالغفار گوهر دائودپوٽي وارو رسالو (شاهه جي رسالي جي ڏسڻي: 1994ع)، (28)، ٻانهي خان شيخ وارو رسالو (جلد پهريون: 2000ع)، (29) ٻانهي خان شيخ وارو رسالو (جلد ٻيو: 2001ع)، (30) ٻانهي خان شيخ وارو رسالو (جلد ٽيون: 2002ع)، (31) فقير تاج محمد نظاماڻيءَ وارو رسالو (2007ع)، (32) سگهڙ حاجي الهداد جنجهيءَ وارو گنج (2008ع)، (33) ڊاڪٽر نبي بخش وارو رسالو (مڪمل: 2009ع)، (34) استاد لغاريءَ جو هٿ اکر رنگين قلمي رسالو (2011ع)، (35) محمد قاسم راهمون وارو گنج (2011ع).
استاد لغاريءَ، هن رسالي جي ترتيب اهڙي رکي آهي، جنهن ۾ شاهه جو ڪلام الڳ ۽ رسالي ۾ موجود ٻين شاعرن، سگهڙن، سالڪن ۽ درويشن جو ڪلام الڳ الڳ ڏنو ويو آهي. هن رسالي جي هڪ ئي جلد ۾ ‘شاهه جو ڪلام’ ۽ ‘رسالي جو ڪلام’ ڌار ڌار بيهاريو ويو آهي. هن رسالي ۾ ‘سُر ڪلياڻ’، ‘سُر يمن’، ‘سُر کنڀات’، ‘سُر بروو’، ‘سُر سريراڳ ’ ، ‘سر سامونڊري’، ‘سُر گهاتو’، ‘سُر کاهوڙي’، ‘سُرُ ڪاپائتي’، ‘سُر بلاول’، ‘سُر پرڀاتي’، ‘سُر ڪارايل’، ‘سُر ڏهر’، ‘سُر آبري’، ‘سُر معذور’، ‘سُر ديسي’، ‘سُر ڪوهياري’، ‘سُر حسيني’، ‘سُر راڻو’، ‘سُر ليلا’، ‘سُر سورٺ’، ‘سُر رپ’، ‘سُر ڪاموڏ’، ‘سُر پورب ’ ، ‘سُر رامڪلي’، ‘سُر آسا’، ‘سُر مارئي’، ‘سُر سهڻي’ ۽ ‘سُر سارنگ’ سميت جملي 29 سُر موجود آهن. جڏهن ته رسالي جي ڪلام ۾ ٻين شاعرن ۽ سگهڙن جو ڪلام ڌار ڪيل آهي، جنهن ۾ مٿين 29 سُرن کان سواءِ ‘مت’، ‘تمر جو ڪلام’ (سسئي)، ‘ٺريهه اکري’ (سسئي)، ‘تمر جو ڪلام’ (رامڪلي)، ‘ٽريهه اکري ۽ ٽريهه ڏينهن’ (رامڪلي)، ‘تمر جو ڪلام’ (مارئي)، ‘ٽڙي اکر ۽ ٽريهه راتيون’ (مارئي)، ‘سُر ڪيڏارو’،
سُر ڌناسري’، ‘سُر شينهن ڪيڏارو’، ‘سُر هير رانجهو’، ‘سُر بيراڳ هندي’، ‘فارسي ڪلام’، ‘سُر ڍول مارو’، ‘سُر بسنت’ ۽ لوڪ وايون شامل آهن.
هن رسالي ۾ ‘شاهه جو ڪلام’ صفحي 11 کان 276 تائين ۽ ‘رسالي جو ڪلام’ صفحي 279 کان 624 تائين موجود آهي. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ پڪي بائنڊنگ ۽ چار رنگي ٽائٽل سان 624 صفحن تي مشتمل هي رسالو مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2013ع ۾ شايع ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 600 روپيا آهي.
شاهه جو رسالو (حمائل سائيز): هي رسالو نامياري محقق استاد لغاريءَ جو ترتيب ڏنل آهي. هي رسالو ننڍي سائيز ۾، کيسي ۾ رکڻ جيڏو، حمائل سائيز جو آهي. 2x3 انچ جي سائيز واري هن رسالي ۾ سُر ڪيڏاري سميت شاهه جي رسالي جا مستند 30 سُر شامل آهن. رسالي جي آخر ۾ ڪلام جي لُغت (معنيٰ جي پٽي، الف- ب وار) ڏنل آهي.
هن رسالي ۾ سُرن جي ترتيب هـيٺيـنءَ ريت رکيل آهي: سُـر ڪـليـاڻ،
سُر يـمن، سُر کنڀات، سُر بروو، سُر سريراڳ، سُر سامُوندري، سُر گهاتُو، سُر کاهوڙي، سُر ڪاپائتي، سُر بلاوَل، سُر پِرڀاتي، سُر ڪارايل، سُر ڏهر، سُر آبري، سُر معذور، سُر ديسي،سُر ڪوهياري، سُر حسيني، سُر راڻو، سُر لِيلا، سُر ڪاموڏ، سُر سورٺ، سُر رِپ، سُر پُورب، سُر رامڪلي، سُر آسا، سُر مارئي، سُر سُهڻي، سُر سارنگ ۽ سُر ڪيڏارو.
هن رسالي ۾ اداري طرفان ‘سُهڻي سوچ’ ۽ محقق جي طرفان ‘مُهاڳ’ شامل ڪيل آهن. ان کان سواءِ حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي گادي نشين محترم سيد وقار حسين شاهه لطيفيءَ پاران پيغام پڻ شامل ڪيو ويو آهي. هن رسالي جو پهريون جلد سيپٽمبر 2015ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. 814 صفحن تي مشتمل هن رسالي جي قيمت 300 روپيا آهي.
شاهه جي رسالي/ ڪلام جا مختلف ٻولين ۾ ترجما
(الف) انگريزي ترجما:
Risalo of Shah Abdul Latif: هيءُ انگريزي ڪتاب علامه آءِ آءِ قاضي جي گهر واري ايلسا قاضيءَ جو شاهه لطيف جي چونڊ ڪلام جو انگريزيءَ ۾ ڪيل منظوم ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي 29 سُرن مان هر هڪ ترتيبوار؛ سر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، سر کنڀات، سر سورٺ، سر آسا، سر پرڀاتي، سُر رامڪلي، سر کاهوڙي، سر پورب، سر بلاول، سر سارنگ، سر سامونڊي، سر سارنگ، سر سريراڳ، سر ڪاموڏ، سر سسئي: آبري، سر سسئي: ديسي، سر سسئي: ڪوهياري، سر سسئي: معذوري، سر سسئي: حسيني، ليلا، مومل راڻو، بروو سنڌي، ڏهر، گهاتو، ڪاپائتي، رپ، ڪارايل، مارئي ۽ سهڻيءَ جي ڪجهه بيتن ۽ واين جو ترجمو شامل آهي. ڪتاب بابت ابتدا ۾ اي. ڪي. بروهيءَ جو تفصيلي تعارف ۽ آخر ۾ علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جو انگريزيءَ ۾ لکيل تحقيقي مقالوShah Abdul Lafit: An Apperiation of his Art ڏنو ويو آهي. [جيڪو ڌار ڪتابي صورت ۾ به شايع ٿيل آهي.]
ڪتاب جي آخر ۾ مترجم طرفان شاهه جي هر سر/ داستان تي مختصر روشني وڌي وئي آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، جون 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو هو. ڊيمي سائيز جي 252 صفحن تي مشتمل هن پڪي جلد جي قيمت 10 روپيا آهي ۽ ان بعد ان جا ٻيا به ڇاپا پڌرا ٿيا آهن.
Selections From The Risalo: هيءُ ڪتاب ڪلياڻ بولچند آڏواڻيءَ جي سهيڙيل ’شاهه جي رسالي‘ مان چونڊ بيتن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو آهي، جيڪو معروف سياستدان ۽ اديب جي. الانا ڪيو آهي. هيءُ رسالي جي ترجمي جو انگريزي انتخاب ڪتابي صورت ۾ تعليم کاتي جي ڪلچرل وِنگ، حڪومتِ سنڌ، شاهه لطيف جي 237هين عرس جي موقعي تي 1980ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
هن ڪتاب ۾ شاهه جي ٽيهن سرن مان چونڊ بيتن جو سنڌي متن سان گڏ انگريزي ترجمو ڏيڻ سان گڏ فاضل مترجم، شاهه جي زندگيءَ جو مختصر احوال، شاهه جي شاعريءَ ۾ روحانيت جو فلسفو، مختلف محققن پاران سهيڙيل رسالن ۽ انهن ۾ آيل سرن جو جائزو ۽ ابتدا ۾ ڪتاب جو تعارف ڏنو آهي. ڪتاب جي آخر ۾ 1980ع ڌاري شاهه لطيف جي عرس جي موقعي تي ٿيل ميلي ۽ سنڌ جي لوڪ فنڪارن، سگهڙن ۽ اديبن جون تصويرون به ڏنيون ويون آهن. ڪچي جلد ۽ ناسي رنگ جي ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جي 158 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 50 روپيا آهي.
Shah jo Risalo in English Verse (ڪتاب): شاهه جي رسالي جو هي انگريزي ترجمو عبدالغفور الستيءَ جو ڪيل آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو 1986ع ۾، ٻيو ڇاپو 1990ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 1994ع ۾ ‘آسٿان لطيف ويلفيئر سوسائٽي، ڪراچيءَ’ طرفان شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ شاهه لطيف جي زندگي ۽ سندس شاعريءَ بابت لکيو ويو آهي. جڏهن ته ٻئي ڀاڱي ۾ شاهه جي ٽن سرن: سُر ڪلياڻ، سُر يمن ڪلياڻ ۽ سُر کنڀات جو ترجمو ڪيو ويو آهي. ٽئين ڀاڱي ۾ باقي سُر ترجمو ڪري رکيا ويا آهن. ترجمو ڪندڙ ڪل ٽيهن سُرن کي ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ پڙهندڙن ڏانهن خط (A Letter To You) جي عنوان سان شامل آهي. پڪي جلد ۽ سهڻي ڊسٽ ڪور سان، هن ڪتاب تي شاهه عبداللطيف جي تصوراتي تصوير ڏنل آهي. ڪتاب ۾ ڪل 232 صفحا آهن ۽ ڪتاب جي قيمت ڄاڻايل نه آهي.
The Poetry of Shah Abdal Latif (ڪتاب): هيءُ انگريزي ڪتاب جي ايم سيد جي نياڻيءَ ڊاڪٽر دُر شهوار سيد جي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت پي. ايڇ. ڊي ٿيسز بعنوان Universal Message of Shah Abdul Latif تي مشتمل آهي، جيڪا هن ايڊنبرگ يونيورسٽي، لنڊن ۾ پيش ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. مقامي اديب جي شاهه لطيف بابت هيءَ پهرين پي. ايڇ ڊي ٿيسز آهي، جيڪا ٻاهرئين ملڪ مان ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر دُر شهوار کي اهو پڻ اعزاز حاصل آهي ته هوءَ سنڌ جي پهرين عورت آهي، جنهن شاهه لطيف تي سڀ کان پهرين پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. شاهه عبداللطيف بابت هن تحقيقي مقالي کي پنجن بابن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ آخر ۾ نتيجا ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب جي پهرئين باب ۾ شاهه لطيف جي زندگيءَ تي مفصل روشني وجهڻ سان گڏ تاريخي ۽ ادبي پسمنظر جو جائزو ورتو ويو آهي. پهرئين باب جي ٻئي حصي ۾ شاهه لطيف جي زندگي، وصال، مختلف قلمي نسخن جي ڇاپن ۽ شاهه لطيف تي ٿيل علمي تحقيق وغيره شامل ڪئي وئي آهي. ڪتاب جي ٻئي باب ۾ شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ عورت جو ذڪر، شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جو ڪردار، شاهه لطيف، عورت ۽ معاشرو، سُر مارئيءَ ۾ عورت جو ڪردار وغيره شامل آهن. ٽئين باب ۾ هندو فلسفي جي حوالي سان شاهه لطيف جي ڪلام ۾ جوڳين ۽ سامين جو ذڪر ڪيو آهي. چوٿين بابت ۾ شاهه عبداللطيف ۽ فريد الدين عطار جي ڪلام جي وچ ۾ ڀيٽ ڪئي وئي آهي ۽ پنجين باب ۾ فارسيءَ جي عظيم شاعر مولانا جلال الدين رومي ۽ شاهه لطيف جي ڪلام جي شاعراڻي عڪاسيءَ ۾ هڪجهڙاين ۽ فرق جو جائزو ورتو ويو آهي.
انهن پنجن بابن کان علاوه آخر ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ نيم تاريخي قصا ۽ لوڪ ڪهاڻيون، جي عنوان هيٺ سهڻي ميهار، سسئي پنهون، سورٺ راءِ ڏياچ، ليلا چنيسر، نوري ڄام تماچي، مومل راڻي ۽ مورڙي- ‘سر گهاتو’ جي لازوال داستانن جو مطالعو پيش ڪيو ويو آهي، جن کي شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ڳايو آهي.
ڊيمي سائيز جي 258 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري، 1988ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 120 روپيا آهي.
Risalo of Shah Abdul Latif Bhitai (انگريزي ترجمو): هيءُ ڪتاب حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو جامع ۽ منظوم انگريزي ترجمو آهي، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي جي اڳوڻي پروفيسر آمنه خميساڻيءَ ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي ٽيهن ئي سرن جي تقريباً سمورن بيتن ۽ واين جو سهڻي اسلوب ۾ انگريزي ترجمو ڪيو ويو آهي، هر هڪ داستان جي شروع ۾ ان جو تعارف پڻ ڏنو ويو آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ شاهه لطيف جي زندگيءَ جو مختصر احوال ڏنو ويو آهي. ’The Risalo‘ عنوان هيٺ مختلف عالمن ۽ محققن جي رسالي تي ڪيل تحقيق ۽ ترجمن تي روشني وڌي وئي آهي ۽ هڪ ٻئي مضمون ۾ ’شاهه جي ڪلام ۾ روحانيت/ تصوف‘ جي اپٽار ڪئي وئي آهي.
هن ڪتاب جو مهاڳ مترجم خود لکيو آهي، جڏهن ته انتساب پنهنجي والد ‘علي بخش چنا’ ۽ والده ‘عالم خاتون’ جي نالي ڪيو اٿس. هي انگريزي ترجمو پهريون ڀيرو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي، حيدرآباد 1994ع ۾ شايع ڪيو. پڪي جلد، رنگين ٽائيٽل ۽ ڊيمي سائيز جي 296 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي. هن رسالي جو ٻيو ڇاپو 2003ع ۾ ڇپيو، جڏهن ته هن رسالي جو ٽيون ڇاپو ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، سال 2012ع ۾ ڊبل ڪرائون سائيز ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. 358 صفحن تي مشتمل هن جلد جي قيمت 600 روپيا آهي.
Mourning Melody: هي ڪتاب شاهه لطيف جي سُر سورٺ جي بيتن جو انگريزيءَ ۽ اردوءَ ۾ ترجمو آهي، جيڪو سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس آغا سليم جو ڪيل آهي. هي ڪتاب 2002ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ شايع ڪيو. ڪتاب جي هر هڪ صفحي تي شاهه جي سر سورٺ جو بيت ڏئي انهي ساڳئي صفحي تي انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ان جو ترجمو ڏنو ويو آهي. هي ڪتاب آغا سليم، سنڌ ڌرتيءَ کي ارپيو آهي، جنهن شاهه لطيف ڀٽائيءَ جهڙي شاعر کي جنم ڏنو. ڪتاب جو مهاڳ پروفيسر ڊاڪٽر قاسم ٻگهئي لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ سڀ کان پهريان شاهه عبداللطيف جي زندگيءَ جو احوال ڏنو ويو آهي. ان کانپوءِ سورٺ، سر ۽ ڪهاڻيءَ/ روايت بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي. جنهن کانپوءِ ليکڪ طرفان تعارف لکيو ويو آهي ۽ سورٺ راڳڻي بابت به ڄاڻ ڏني وئي آهي. صفحي 39 کان صفحي 113 تائين سر سورٺ جي بيتن ۽ واين جو انگريزي ۽ اردو ترجمو ڏنو ويو آهي. جڏهن ته آخر ۾ وري سُر سورٺ جي راڳداريءَ تي آغا سليم پنهنجو طويل مضمون (انگريزيءَ) ۾ ڏنو ويو آهي. پڪي جلد سان 124 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.
Shah Abdul Latif- Seeking the beloved: شاهه جي رسالي جي منتخب بيتن (verses) جو هي انگريزي ترجمو، انڊيا ۾ شاهه لطيف جو پهريون تفصيلي ترجمو آهي، جيڪو سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾، انجو ماکيجا ۽ هري دلگير ترجمو ڪيو آهي. هي ترجمو ٻنهي اديبن، شاهه جي اُن گنج تان ڪيو آهي، جيڪو هن صوفي شاعر جي روضي ۾ محفوظ آهي. شاهه لطيف جو تعارف نامياري اديب ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻيءَ لکيو آهي.
هري دلگير پنهنجي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته، ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. سورلي پنهنجي ڪتاب ‘Musa Pervagans’ ۾ ڄاڻايو آهي ته، “شاهه لطيف دنيا جو وڏي ۾ وڏو موسيقيءَ جو استاد آهي.” هو ان حد تائين به ويو آهي، جو لکيو اٿائين ته، پاڪستان تمام وڏي زيادتي ڪئي آهي، جو هنن محمد اقبال کي پاڪستان جو قومي شاعر قرار ڏنو آهي. اهو احترام شاهه لطيف کي ملڻ گهرجي.
290 صفحن تي مشتمل شاهه جي رسالي جو هي انگريزي ترجمو به پهريون ڀيرو ‘ڪٿا’ (Katha) سوسائٽي دهلي (انڊيا) پاران 2005ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ان جي قيمت 295 روپيا آهي.
Shah Jo Risalo alias Ganje Latif (انگريزي ترجمو: جلد پهريون): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام کي انگريزيءَ ۾ نثري ترجمي جي ٽن جلدن تي مشتمل رٿا شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر ڪاميٽيءَ جي هئي، جنهن هيٺ شاهه جي رسالي جي انگريزي نثر ۾ پهرئين جلد جو هيءُ ترجمو شاهه لطيف جي عاشق، رٽائرڊ ڊپٽي ڪمشنر، محمد يعقوب آغا نهايت سليس ۽ سادي زبان ۾ ڪيو آهي. ترجمي نگار شاهه سائينءَ جي سنڌي بيت جي هيٺان انگريزي نثري ترجمو ڏنو آهي. گڏوگڏ ٻين ٻولين جي عظيم شاعرن: مولانا جلال الدين رومي، حافظ شيرازي، غالب، اقبال، جامي وغيره جي ڪلام جو شاهه سائينءَ جي ڪلام سان تقابلي جائزو به پيش ڪيو آهي.
هن پهرئين جلد جو پيش لفظ مترجم خود لکيو آهي. هيءُ جلد ٽن بابن ۾ ورهايل آهي. پهرئين باب ۾ رسالي بابت معلومات ۽ ان جي تاريخ، ٻئي باب ۾ شاهه عبداللطيف جي زندگيءَ جو عڪس، ۽ ٽئين باب ۾ شاهه عبداللطيف: هڪ شاعر، سندس شاعريءَ ۾ فلاسافي، شاعر جو روحاني فلسفو، ۽ شاهه سائينءَ جي ڪلام جا يارهن سُر: سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر پرڀاتي، سر آسا، سر بروو سنڌي، سر ڪاپائتي، سر ڏهر، سر رپ، سر ڪارايل، سر بلاول ۽ سر سارنگ نثري ترجمي سان شامل آهن. رسالي جي انگريزي ترجمي جو هي پهريون جلد، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، 2006ع ۾ شايع ڪيو، جيڪو ڊبل ڪرائون جي 534 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان جي قميت 300 روپيا آهي.
Selection of Verses from Shah Jo Risalo (منتخب انگريزي ترجمو): شاهه سائينءَ جي ڪلام کي هڪ ئي وقت تي هن ڪتاب ۾ ٽن ٻولين ۾ پيش ڪيو ويو آهي، يعني شاهه جو بيت پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڏيڻ کان پوءِ ان جو اردو ۽ انگريزي ترجمو ڏنو ويو آهي. جيڪو ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ ۽ نويد سراج ميمڻ ڪيو آهي. ابتدائي صفحن ۾ اردو انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۽ رسالي جي سُرن متعلق جامع انداز ۾ لکيو ويو آهي. هن ڪتاب جي ايڊيٽنگ ۽ ترتيب نامياري محقق ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي آهي. ڊيمي سائيز جي 298 صفحن واري هن ڪتاب کي سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن، 2006ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.
Spiritualism in the Poetry of Shah Abdul Latif Bhittai (منتخب انگريزي ترجمو): هيءُ ڪتاب منور ارباب (هالي) جو شاهه جي ڪلام مان چونڊ سنڌي بيتن جي منظوم انگريزي ترجمي تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي روحانيت/ تصوف جي موضوع هيٺ لکيل لڳ ڀڳ 700 بيتن سان گڏ شاهه لطيف جي زندگيءَ جو احوال، شاهه جو ڪلام ۽ حق، سچ ۽ روحانيت لاءِ ڀٽائيءَ جي ڳولا جي عنوان سان مضمون شامل آهن. هن ڪتاب کي برک محقق ڊاڪٽر فهميده حسين ايڊٽ ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب ڊسمبر 2006ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. پڪي جلد ۽ خاڪي رنگ جي سرورق سان ڊيمي سائيز جي 298 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي.
Melodies of Shah Abdul Lateef Bhitai (Vol:1) (انگريزي ۽ اردو ترجمو): حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي انگريزي ترجمي تي مشتمل هي پهريون جلد نامور اديب آغا سليم جو ترتيب ڏنل آهي. هن جلد ۾ شاهه جي سر ڪلياڻ، سر يمن/ ايمن ڪلياڻ، سر کنڀات،
سر سريراڳ ۽ سر سامونڊيءَ جي هر بيت ۽ وائيءَ سان گڏ آمنه خميساڻيءَ جو انگريزي ترجمو ۽ آغا سليم جو اردو منظوم ترجمو ڏنو ويو آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ شاهه لطيف جي زندگيءَ بابت مختصر ۽ جامع مواد پڻ ڏنو ويو آهي. ان کان سواءِ هر سُر (داستان) جي آغاز ۾، داستان جو تاريخي پسمنظر ۽ تعارف پڻ تفصيل سان انگريزيءَ ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
هي ڪتاب ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ طرفان شاهه لطيف جي ڪلام کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرائي عام ڪرڻ واري رٿا جي پهرين ڪڙي آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2006ع ۾، شاهه لطيف جي 262 هين عرس جي موقعي تي ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ ڇپرايو آهي. ڊيمي سائيز جي 315 صفحن تي مشتمل هن پڪي ۽ رنگين ٽائٽل واري جلد جي قميت 300 روپيا آهي.
Shah Jo Risalo alias Ganje Latif (Vol:II) (انگريزي ترجمو: جلد ٻيو): آغا محمد يعقوب جي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي انگريزي ترجمي جي هن ٻئي جلد ۾ رسالي جا نوَ (9) سُر: سر کنڀات، سر سريراڳ، سر سامونڊي، سر کاهوڙي، سر رامڪلي، سر پورب، سر ڪيڏارو، سر مارئي ۽ سر سسئي شامل آهن. هن جلد ۾ به شاهه جي هر بيت هيٺان انگريزي نثري ترجمو ڏنو ويو آهي. هن جلد ۾ صفحي 535 کان 1154 صفحا شامل آهن. هي ٻيو جلد، ثقافت کاتي حڪومت سنڌ، 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي 300 روپيا قيمت آهي.
Melodies of Shah Abdul Lateef Bhitai, Vol: II
(انگريزي ۽ اردو ترجمو): حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي انگريزي ترجمي تي مشتمل هي ٻيو جلد پڻ آغا سليم وارو ترتيب ڏنل آهي، جنهن ۾ انگريزي ترجمو آمنه خميساڻيءَ جو ۽ اردو منظوم ترجمو آغا سليم جو شامل آهي. هي جلد ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ 2007ع، شاهه لطيف جي 263هين عرس جي موقعي تي شايع ڪيو ويو. هن ٻئي جلد ۾ سر سهڻي، سر سسئي آبري، سر معذوري، سر ديسي ۽ سر ڪوهياريءَ جا بيت ۽ وايون، اصل متن، انگريزي ۽ اردو ترجمي سان شامل آهن. هر داستان جو تعارف ۽ تاريخي پسمنظر به ڏنو ويو آهي. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 475 صفحن تي مشتمل آهي. پڪي جلد ۽ رنگين ٽائيٽل سان هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.
Shah Jo Risalo alias Ganje Latif (Vol:III) (انگريزي ترجمو: جلد ٽيون): هن جلد ۾، آغا محمد يعقوب، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي ڏهن سرن جو انگريزي ترجمو ڏنو آهي، جي آهن: سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوهياري، سر حسيني، سر ڪاموڏ، سر مومل راڻو، سر ليلان چنيسر، سر سورٺ، سر سهڻي ۽ سر گهاتو شامل آهن. هي ٽيون جلد 1153 صفحي کان شروع ٿئي ٿو. هي جلد ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ پاران 2008ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي.
Melodies of Shah Abdul Lateef Bhitai, Vol: III (انگريزي ۽ اردو ترجمو): هي ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي انگريزي ۽ اردو ترجمي تي مشتمل آهي، جيڪو آغا سليم جو ترتيب ڏنل آهي. ڪلام جو منظوم اردو ترجمو آغا سليم جو ۽ انگريزي ترجمو آمنه خميساڻيءَ جو ڏنو ويو آهي. هن ترجمي کي سليم نور حسين ايڊٽ ڪيو آهي. هن ٽئين جلد جي اشاعت، شاهه لطيف جي 264هين عرس جي موقعي تي، ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ 2008ع ۾ ڪرائي. پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب، 695 صفحن تي مشتمل آهي ۽ اُن جي قيمت 500 روپيا آهي.
Melodies of Shah Abdul Lateef Bhitai, Vol: 4 (ڪتاب): هي ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي ڪيل انگريزي ۽ اردو ترجمي تي مشتمل آهي، جنهن کي آغا سليم مرتب ڪيو آهي. ڪلام جو منظوم اردو ترجمو پڻ آغا سليم جو ئي ڪيل آهي، جڏهن ته انگريزي ترجمو آمنه خميساڻيءَ جو ڪيل آهي، جنهن کي سليم نور حسين ايڊٽ ڪيو آهي. هن جلد ۾ سُر رپ (Melody of Calamity)، سر کاهوڙي (Melody of Seekers)، سر بروو (Melody of Love)، سر رامڪلي (Melody of Ascetics)، سُر ڪاپائتي (Melody of Spinning girls)، سر پورب (Melody of East)، سر ڪارايل (Melody of Peacock)،
سُر پرڀاتي (Melody of Dawn)، سر ڏهر (Melody of Days by gone)، سر بلاول (Melody of Munificence) شامل آهن.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2009ع ۾، ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 400 روپيا آهي.
Shah Abdul Latif Bhitai Apostle of Love: هي ڪتاب سيد مشتاق علي شاهه جي، شاهه لطيف جي شاعريءَ جي ڪيل انگريزي ترجمي تي مشتمل آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري، 2012ع ۾ شايع ڪيو آهي. ڪتاب ۾ شاهه جي ٽيهن سُرن مان چڱي تعداد ۾ بيت کڻي، انهن جو انگريزيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ۽ تعارف مشتاق علي شاهه جا لکيل آهن. پڪي جلد ۽ ڊسٽ ڪور سان 279 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 595 روپيا آهي. ڊسٽ ڪور جي اندرئين ڪُنڊ تي ليکڪ جو تعارف ڏنل آهي.
Shah Jo Risalo alias Ganje Latif (ڪتاب): شاهه لطيف جي پارکو ۽ شارح، آغا محمد يعقوب آغا Shah jo Risalo alias Ganje Latif عنوان سان شاهه جي رسالي جو ٽن جلدن ۾ انگريزي ترجمو ڪيو هو، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. هن ساڳئي ڪتاب کي ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ پاران هڪ جلد جي صورت ۾، سال 2014ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڊبل ڪرائون جي 1055 صفحن تي مشتمل هن مڪمل جلد جي قيمت 800 روپيا آهي.
Selected Verses from Shah Jo Risalo in Arabic and English
(منتخب انگريزي ۽ عربي ترجمو): نامور سفارتڪار ۽ ادب دوست شخص، فيض محمد کوسي جو هي ڪتاب، شاهه جي چونڊ بيتن جي عربي ۽ انگريزي ترجمي تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ شاهه جو بيت ڏيڻ کان پوءِ ان جو عربي ۽ انگريزي نثر ۾ ترجمو جدا جدا ڏنو ويو آهي. جنهن سان هڪ ئي وقت ۾ ٻه مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو شاهه جي ڪلام کي آسانيءَ سان سمجھي سگھن ٿا. هن ترجمي ۾ سُر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، کنڀات، سريراڳ، سامونڊي، سهڻي، سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري، حسيني، ليلا چنيسر، مومل راڻو، مارئي، ڪاموڏ، گھاتو، سورٺ، ڪيڏارو، سارنگ، آسا، رِپ، کاهوڙي، بروو سنڌي، رامڪلي، ڪاپائتي، پورب، ڪارائل، پرڀاتي، ڏهر ۽ بلاول جا چونڊ بيت شامل آهن.
ڪتاب جي شروعات ۾ ‘پبلشر نوٽ’ شمس جعفراڻيءَ، سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتي سنڌ لکيو آهي، جڏهن ته مظهرالحق صديقي، عنايت بلوچ ۽ فيض محمد کوسي ڪتاب متعلق پنهنجا ويچار ونڊيا آهن. ان کان سواءِ مرتب شاهه جي زندگيءَ تي به روشني وڌي آهي، جڏهن ته علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو مضمون Shah: His Position Among the World Position پڻ ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ترجمي ۾ هر سُر کان اڳ ۾ ان جو تعارف به پيش ڪيو ويو آهي.
(ب) عربي ترجما:
الرسالة السيد عبداللطيف بتائي رح (عربي ترجمو): شاهه جي رسالي جي هڪ سُر ’ڪلياڻ‘ جو هي عربي ترجمو، ڊاڪٽر فضل رحيم سومري ڪيو آهي. جنهن ۾ شاهه جو بيت ڏيڻ کان پوءِ ان جو عربي نثر ۾ ترجمو ڏنو ويو آهي. شاهه لطيف جي ڪلام کي عربيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي اها پهرين ڪوشش آهي. ڊيمي سائيز جي 180 صفحن جو هي ڪتاب، 1980ع ۾ مترجم خود شايع ڪرايو، جنهن تي ڪابه قيمت ڄاڻايل نه آهي.
شاهه جو رسالو (عربي ترجمي سان: [رساله السيد عبداللطيف رح الشاعر الکبير في الباکستان]): هي شاهه جي رسالي جو عربيءَ ۾ ترجمو ڊاڪٽر فضل رحيم سومري ڪيو آهي، جنهن ۾ مترجم شاهه جو اصل بيت ڏيڻ کانپوءِ ان جي هيٺان عربي نثر ۾ ترجمو ڏنو آهي. رسالي جو مقدمو عربي ٻوليءَ ۾ خود مترجم لکيو آهي، جنهن ۾ شاهه صاحب جي سوانح حيات سان گڏ سندس شاعريءَ جو تجزيو بيان ڪيو ويو آهي.
هن رسالي ۾ ڇويهن (26) سُرن- سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر سامونڊي، سر ڪيڏاري، سر آسا، سر مومل راڻي، سر سورٺ، سر کنڀات، سر سريراڳ، سر سسئي، سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوهياري، سر حسيني، سر نوري ڄام تماچي، سر گهاتو، سر مارئي، سر رپ، سر کاهوڙي، سر ڪاپائتي، سر پورب، سر ڪارايل، سر پرڀاتي، سر ڏهر، سر بلاول ۽ سر رامڪليءَ جي بيتن ۽ واين جو عربي نثر ۾ ترجمو ڏنو ويو آهي. مترجم ترجمي وقت اصل بيت جي لفظي مفهوم کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ڊيمي سائيز جي 1420 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب تاج محل پريس، بازار حيدرآباد'>شاهي بازار حيدرآباد، سنڌ مان 1405هه/ 1984ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.
الشاهه عبداللطيف بهتائي و منتخباة اشعاره (ڪتاب): هي عربي ٻوليءَ ۾ شاهه جي رسالي جو منظوم ترجمو مشهور استاد ۽ ليکڪ غلام مصطفى دادويءَ جو ڪيل آهي. ڪتاب ۾ تقديم ۽ شاعر جي سوانح حيات کان پوءِ، شاهه جي رسالي جي سـُرن مانلحن ڪليان، لحن يمن ڪليان، لحن کنبات، لحن البحري (سامونڊي)، لحن الحسينة (سهڻي)، لحن الفتاة سسئي، لحن الامرة الضعيفة (معذوري)، لحن الوطني (سر سارنگ)، لحن اهل الجبالي (ڪوهياري)، لحن الحسيني، لحن الفتاة ليلا (ليلا چنيسر)، لحن الفتاة مومل (مومل راڻي)، لحن بنت الصحراء ماروي (مارئي)، لحن الفتاة نوري (نوري)، لحن السماکين، لحن الفتاة سورت (سورٺ)، لحن الحرب، لحن الامطار، لحن الامل، لحن الملمة، لحن سائري الجبال، لحن بروو سندي، لحن العبودية، لحن الشرق، لحن الوز، لحن السحر (پرڀاتي)، لحن وادي بين کشيبين ۽ لحن بلاول جي منتخب بيتن جو عربي ٻوليءَ ۾ ترجمو پڻ شامل آهي. ڊيمي سائيز ۾ 184 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب المرڪز العربي التوحيد، حيدرآباد طرفان 1992ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن جي قيمت 30 روپيا آهي.
شاهه جي منتخب ترجمن ۾ محترم فيض محمد کوسي جو انگريزي ۽ عربي ترجمو، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2012ع ۾ ڇپايو آهي.
(ٻ) فارسي ترجما:
سر سسئيءَ جو فارسي ترجمو: شاهه جي رسالي جي سُر سسئيءَ جو فارسي ترجمو مولوي هدايت الله هالائيءَ ڪيو آهي، جيڪو 1938ع ۾ توحيد اخبار ڪراچيءَ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو. هدايت الله هالائي صاحب، سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ جو جيَد عالم هو. هن فارسيءَ ۾ شاهه جي رسالي جي شرح پڻ لکي هئي، جيڪا گم ٿيڻ سبب ڇپجي نه سگهي.
شاهه جي ٽن سُرن جو فارسي ترجمو: نامور شاعر ۽ محقق نياز همايونيءَ، شاهه صاحب جي رسالي جي ابتدائي ٽن سُرن، سُر ڪلياڻ، سُر يمن ڪلياڻ ۽ سُر کنڀات جو فارسي ٻوليءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو هو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ٽماهي ‘مهراڻ’ ۾ 1972ع ۽ 1973ع ۾ شايع ڪيو ويو.
[نوٽ: ساڳين ٽن سرن جو نياز همايونيءَ جو ڪيل منظوم ترجمو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچيءَ طرفان ڇپيل آهي.]
(ڀ) پنجابي ترجما:
شاهه ڀٽائي دا رساله (پنجابي ترجمو): سنڌ جي سدا حيات صوفي شاعر ۽ فلاسافر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو پنجابي زبان ۾ [منتخب] منظوم ترجمو ڪرتار سنگهه عرش ڪيو آهي، جيڪو جولاءِ 1996ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽائي صاحب جي 252هين عرس جي موقعي تي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. جيئن ته هي ترجمو اصل ۾ پنجابيءَ جي ديوناگري/ گُرمکي رسم الخط ۾ ڪيو ويو هو، ان ڪري اُن جي لپي انتر (رسم الخط بدل) راول راٺ ڪئي آهي. هن رسالي ۾ شاهه جي سُرن: ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، کنڀات، سريراڳ، سامونڊي، ڪيڏاري، سهڻي، سسئي، معذوري، ديسي، ڪوهياري، حُسيني، مومل راڻي، گهاتو، ليلا چنيسر، سورٺ، ڪاموڏ ۽ مارئيءَ مان چونڊ ڪلام جو منظوم پنجابي ترجمو شامل ڪيو ويو آهي.
هن رسالي ۾ فاضل مصنف شاهه لطيف جي مختصر سوانح، رسالي جي ذڪر سان گڏ شاهه جي داستانن جو اختصار به پنجابيءَ ۾ ڏنو آهي. ڪتاب ۾ ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جا تاثرات به شامل آهن.
ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل هن رسالي ۾ 668 صفحا آهن ۽ رسالي جي قيمت پنج سؤ روپيا آهي.
شاهه جو رسالو (پنجابي): هن رسالي ۾ شامل، شاهه جي چونڊ ڪلام جو پنجابي ترجمو، شڪيل احمد طاهريءَ ڪيو آهي، جيڪو شاهه جي 29 سُرن جي چونڊ بيتن ۽ واين جي ترجمي تي مشتمل آهي. مترجم جيئن ته نوابشاهه [موجوده شهيد بينظير ڀٽو] ضلعي جي پڊ عيدن واري علائقي ۾ ڄائو هو ۽ سنڌي زبان ۾ تعليم حاصل ڪئي هئائين. ان ڪري کيس سنڌي ٻوليءَ سان گڏ شاهه جي رسالي سان به اُنسيت رهي. [هن صاحب شاهه جي مڪمل رسالي جو به ترجمو ڪيو آهي، جيڪو اڃا ڇپجي نه سگهيو آهي.]
هن ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي مان چونڊ ڪلام پنجابيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. هيءُ رسالو پاڪستان پنجابي ادبي بورڊ، لاهور 1997ع ۾ ڇپيو آهي. جنهن ۾ اشفاق احمد، ڊاڪٽر افتخار بخشي ۽ ارشاد گراميءَ جا رايا شامل آهن. ڪچي بائنڊنگ ۾ هي ڪتاب 152 صفحن تي مشتمل آهي.
(ت) اردو ترجما:
ديوان لطيف (اردو): هن عنوان سان نامور اديب ۽ شاعر رشيد احمد لاشاريءَ جو شاهه جي رسالي جا ٻه سر: ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيا آهن. ’ديوان لطيف‘ ۾ سنڌي بيت ۽ وائيءَ جي سامهون منظوم اردو ترجمو ڏنو ويو آهي. شروعات ۾ 94 صفحن تي تمهيد ۾ شاهه صاحب جو حسب نسب، شاهه صاحب جا استاد ۽ ساٿي، شاهه صاحب جي زندگيءَ جي مختلف لاهن چاڙهن [نشيب و فراز]، شاهه صاحب جو سفرِ مسلسل، سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جي تشريح، سنڌي، اردو الف- ب جو نقشو، سنڌي زبان ۽ شاهه عبداللطيف رح عنوانن تي تفصيلي لکيو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي 232 صفحن تي مشتمل ديوان لطيف 1954ع ۾ شايع ٿيو ۽ اُن جو انتساب مخدوم طالب الموليٰ کي ڪيو ويو آهي.
رساله شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح (اردو): هي رسالو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي اردو منظوم ترجمي تي مشتمل آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي وڏي شاعر شيخ اياز ڪيو آهي. هن شاهه صاحب جي هيٺين 29 سُرن جو ترجمو ڪيو آهي. سر ڪلياڻ، سر يمن، سر کنڀات، سر سورٺ، سر آسا، سر پرڀاتي، سر رامڪلي، سر کاهوڙي، سر پورب، سر بلاول، سر سارنگ، سر سريراڳ، سر سامونڊي،
سر ڪاموڏ، سر سسئي، سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوهياري،
سر حسيني، سر ليلا چنيسر، سر مومل راڻي، سر بروو سنڌي، سر ڏهر،
سر گهاتو، سر ڪاپائتي، سر رپ، سر ڪارايل، سر مارئي ۽ سر سهڻي شامل آهن، پر اُن ۾ سُر ڪيڏارو شامل نه آهي، ڇاڪاڻ ته هي منظوم ترجمو علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي رسالي تان ڪيو ويو آهي، ان ڪري هي سُر شامل نه ٿي سگهيو. شيخ اياز، شاهه صاحب جي تفصيلي سوانح حيات سان گڏ رسالي ۾ موجود لوڪ داستانن: سورٺ راءِ ڏياچ، نوري ڄام تماچي، سسئي پنهون، ليلا چنيسر، مومل راڻي، عمر مارئي ۽ سهڻي ميهار کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي. ان کان سواءِ شاهه صاحب جي شاعري، فن، فڪر ۽ مذهب بابت تفصيلي بحث ڪيو آهي. سڀني سُرن جو تعارف به لکيو ويو آهي. ڪتاب جو پيش لفظ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر رضي الدين صديقيءَ ۽ ‘گذارش’ پير حسام الدين راشديءَ لکي آهي. ڊبل ڪرائون سائيز جي 630 صفحن تي مشتمل هي اردو منظوم شاهه جو رسالو، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد 1963ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي پڪي جلد سان قيمت ساڍا 12 روپيا ۽ ڪچي جلد سان 10 روپيا آهي. هن رسالي جو ٻيو ڇاپو 1977ع ۾ شايع ٿيو. ان کانپوءِ هن منظوم رسالي جو ٽيون ڇاپو (ڊسمبر 1991ع)، چوٿون
ڇاپو (آگسٽ 2005ع)، پنجون ڇاپو (ڊسمبر 2008ع) ۽ ڇهون ڇاپو (2012ع) سنڌيڪا اڪيڊميءَ شايع ڪيا آهن. هن رسالي جو ستون ڇاپو ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ 2010ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي، جڏهن ته اٺون ڇاپو وري سنڌيڪا اڪيڊميءَ 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.
سر ڪليان، ايمن ڪليان، کنبات (اردو ترجمو): هي ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ٽن سُرن: سُر ڪلياڻ، سر ايمن ڪلياڻ ۽
سر کنڀات جو منظوم اردو ترجمو آهي، جيڪو مشهور ڪهاڻيڪار
آغا سليم ڪيو آهي. آغا سليم، سُر ڪلياڻ جي 3 داستانن ۾ موجود
74 بيتن ۽ 3 واين، سر ايمن ڪلياڻ جي 8 داستانن ۾ موجود 181 بيتن ۽ 9 واين ۽ سر کنڀات جي ٻن داستان ۾ موجود 74 بيتن ۽ 6 واين جو سليس ۽ سهڻي اسلوب ۾ اردو منظوم ترجمو ڪيو آهي، ان کان سواءِ هر سر جو مختصر تعارف پڻ ڏنو آهي.
ڊيمي سائيز ۾ چار رنگي ٽائٽل سان 105 صفحن تي مشتمل هي اردو منظوم ترجمو، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه 1986ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 25 روپيا آهي.
انتخاب ڪلام شاهه عبداللطيف ڀٽائي (منظوم اردو ترجمه): هي ڪتاب ڊاڪٽر محمد حسن رضويءَ جو اردوءَ ۾ لکيل آهي، جنهن جي مضمونن جي فهرست هن ريت آهي: (1) شاهه لطيف ڀٽائي ۽ ان جي پيغام جو تعارف، (2) ڇپائيءَ جو مقصد ۽ ٿورا، (3) شاهه صاحب جو خانداني پسمنظر، (4) شاهه ڀٽائيءَ جي علم حاصل ڪرڻ تي بحث، (5) شاهه صاحب جي عشق جو داستان، (6) ڀٽ شاهه جي آبادي، (7) شاهه صاحب جي زيارتن ۽ آخرت جو سفر، (8) شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام جون خصوصيتون، (9) شاهه صاحب جو مسلڪ ۽ پيغام، (10) شاهه صاحب جي فڪري ارتقا جو پسمنظر ۽ ان جي پيغام جو مقام. ان بعد شاهه جي منتخب بيتن جو ترجمو ڏنو ويو آهي، جنهن جا عنوان حمد باري تعاليٰ، نعت رسول، ذڪر حسين عه، نوحا، ڪبوترنامه، عرفان، اخلاقيات، اولياءَ خدا، غزليات، وطن جي محبت ۽ جوش انقلاب (از: داستان عمر مارئي) ڏنا ويا آهن. هي ترجما شيخ اياز، آغا سليم ۽ رئيس امروهيءَ جي ترجمن تان کنيا ويا آهن.
ڊيمي سائيز جي 176 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، حاجي حسن علي پير محمد ابراهيم ٽرسٽ، شيخ هائوس، ڪيمبل اسٽريٽ ڪراچيءَ ڇپايو آهي. ڪتاب 1992ع ۾ ڇپيو آهي ۽ ان جي قيمت 20 روپيا آهي.
ڪلام شاهه عبداللطيف ڀٽائي (اردو: جلد اول): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي اردوءَ ۾ نثري ترجمي تي چئن ڪتابن تي مشتمل رٿا جو هيءُ پهريون حصو آهي، جنهن کي ناليوارن اديبن ۽ ترجمي نگارن: ڊاڪٽر اياز حسين قادري ۽ ڊاڪٽر وقار احمد رضويءَ، نهايت ئي سليس انداز ۾ نثري اردو ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب جو ‘پيش لفظ’ افتخار عارف، ‘پيش گفتار’ غلام رباني آگري ۽ ‘مقدمو’ ڊاڪٽر اياز قادريءَ لکيو آهي. هن پهرئين جلد ۾ شاهه سائينءَ جي ڪلام جي ڇهن سرن: سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر کنڀات، سر سريراڳ، سر سامونڊي ۽ سر سهڻي شامل آهن. شاهه سائينءَ جي سنڌي ڪلام جو اردوءَ ۾ ترجمو نهايت ئي سليس ڪيو ويو آهي ته جيئن عام پڙهندڙ به پڙهي ۽ سمجهي سگهي. شاهه سائينءَ جي سنڌي ڪلام کي اردوءَ ۾ ترجمي جي هيءَ رٿا، اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد جي آهي.
267 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن پهرين جلد جو پهريون ڇاپو، 1993ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.
ڪلام شاهه عبداللطيف ڀٽائي (اردو: جلد دوئم): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي اردوءَ ۾ نثري ترجمي تي ٻَڌل هن ٻئي حصي کي ٻن ناليوارن اديبن ۽ ترجمي نگارن: ڊاڪٽر اياز حسين قادري ۽ ڊاڪٽر وقار احمد رضويءَ، سنڌيءَ مان نثري اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب جو پيش لفظ افتخار عارف لکيو آهي. هن ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ شاهه سائينءَ جا پنج سر: سر سسئي آبري، سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوهياري ۽ سر حسيني شامل آهن. شاهه سائينءَ جي ڪلام جو هي اردو ترجمو نهايت ئي سليس ۽ سادي انداز ۾ ڪيو آهي ته جيئن عام پڙهندڙ به پڙهي ۽ سمجهي سگهي. شاهه سائينءَ جي سنڌي ڪلام جو هي نثري اردو ترجمو اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد ڇپايو آهي.
268 کان 549 تائين ڪل 281 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو ڪتاب 1993ع ۾ ڇپيو ۽ ان جي قيمت 250 روپيا آهي.
ڪلام شاهه عبداللطيف ڀٽائي (اردو: جلد سوئم): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي اردوءَ ۾ نثري ترجمي تي ٻَڌل هن ٽئين حصي (جلد) کي ڊاڪٽر اياز حسين قادري ۽ ڊاڪٽر وقار احمد رضويءَ، سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب جو پيش لفظ افتخار عارف لکيو آهي. هن ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ شاهه سائينءَ جا ست سر: سر ليلا چنيسر، سر مومل راڻو، سر عمر ماروي، سر ڪاموڏ، سر گهاتو، سر سورٺ ۽ سر ڪيڏارو شامل آهن. شاهه سائينءَ جي ڪلام جو اردوءَ ۾ نثري ترجمو نهايت ئي سليس ۽ سادي انداز ۾ ڪيو ويو آهي. شاهه سائينءَ جي سنڌي ڪلام کي اردوءَ ۾ ترجمي جي هيءَ رٿا اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد جي آهي.
549 کان 725 تائين ڪل 176 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد سان هن ڪتاب کي 1993ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.
ڪلام شاهه عبداللطيف ڀٽائي (اردو: جلد چهارم): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سنڌي ڪلام جي اردو نثر تي مشتمل هيءُ ترجمي جو چوٿون ۽ آخري ڪتاب آهي، جنهن کي برک اديبن ڊاڪٽر اياز حسين قادري ۽ وقار احمد رضويءَ، سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب جو ناشر نوٽ اڪيڊمي آف ادبيات جي چيئرمئن افتخار عارف لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه سائينءَ جي ڪلام جا 12 سر آهن، جن ۾ سر سارنگ، سر آسا، سر ڏهر، سر رامڪلي، سر رپ، سر کاهوڙي، سر بروو سنڌي، سر ڪاپائتي، سر پورب، سر ڪارايل، سر پرڀاتي ۽ سر بلاول شامل آهن. شاهه سائينءَ جي ڪلام جو اردوءَ ۾ نثري ترجمو نهايت ئي سليس ۽ سادي انداز ۾ ڪيو ويو آهي. جيئن عام پڙهندڙ به آسانيءَ سان پڙهي ۽ سمجهي سگهي.
هن اردو ترجمي جي هن چوٿين جلد کي به اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد ڇپايو آهي. 726 کان 1082 تائين 345 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد سان هي ڪتاب 1993ع ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.
پيغامِ لطيف (ڪتاب): هي ڪتاب شاهه لطيف جي چونڊ ڪلام جي اردو ترجمي تي مشتمل آهي. جنهن کي پروفيسر آفاق صديقيءَ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي علامه آءِ. آءِ. قاضي، شيخ اياز، غـلام رباني آگـري ۽ ڊاڪـٽـر ايـاز قـادريءَ جـا رايا پڻ شامل آهن. فضل سنز ڪراچي پاران هي ڪتاب آگسٽ 1998ع ۾ شايع ٿيو. ڪچي جلد سان 192 صفحن تي مشتمل هن پاڪيٽ سائيز ڪتاب جي قيمت 40 روپيا آهي.
رساله شاهه عبداللطيف ڀٽائي (اردو): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي منظوم اردو ترجمي تي مشتمل هن ڪتاب جو مترجم محترم آغا سليم آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه سائينءَ جي ڪلام جا 32 سُر شامل آهن. جنهن ۾ هر سر جي شروعات ۾ سُر جو تعارف ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ ناشر پاران نوٽ، ثقافت کاتي جي اُن وقت جي سيڪريٽري عبدالحميد آخوند لکيو آهي، جڏهن ته هن ڪتاب جو ‘پيش لفظ’ ترجمي ڪندڙ جو لکيل آهي، جنهن ۾ شاهه سائينءَ جي زندگي، سنڌي شاعريءَ جي صنفن: بيت، وائي، ڪافيءَ تي روشني وڌي وئي آهي.
844 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي مرڪز، ڀٽ شاهه حيدرآباد، 2000ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي.
ڪلام شاهه عبداللطيف ڀٽائي[اردو ۽ پنجابي ترجمو] (ڪتاب ): سنڌ جي عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عشق حقيقي ۽ عشق مجازيءَ جي رنگن سان سينگاريل شاعريءَ جو هي اردو ۽ پنجابي ترجمن جي هن ڪتاب جو مصنف ۽ مترجم سرفراز احمد راهي آهي. فاضل ليکڪ ۽ مترجم، ابتدائي ترتيب هيٺ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ان جي خاندان، شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ درويش، هڪ صوفي شاعر، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جي ڪردار، شاهه لطيف جي شاعريءَ جي خصوصيتن تي تفصيلي لکيو آهي. ان بعد شاهه لطيف جي ٻن سُرن: ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جي ڳائڻ جي وقت ۽ تعارف بعد ٻنهي سُرن جي بيتن جو منظوم پنجابي روپ ۽ بعد ۾ منظوم اردو ترجمو ڏنو ويو آهي.
ڊيمي سائيز جي 160 صفحن جو هي ڪتاب فيضان اڪيڊمي، اردو بازار لاهور ڇپايو آهي، ڇپائيءَ جو سال ڏنل نه آهي، جڏهن ته قيمت 40 روپيا آهي.
(ٿ) براهوي ترجما:
لطيفي توار (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ۽ بروهي ٻولين جي قداور عالم، محقق ۽ شاعر جوهر بروهيءَ جو شاهه لطيف جي شاعريءَ جي براهوي ترجمي [براهوي بدل] تي ٻَڌل آهي. هن ڪتاب ۾، شاهه جي ڪلام جي بروهيءَ ۾ ترجمي جي اهميت، شاهه لطيف جي سلسلي نسب، شاهه جي شعر جي صنعتن ۽ ڪاريگرين، شاهه جي رسالي (ڪلام) ۽ سُرن جي تعارف ڏيڻ کانپوءِ شاهه جي رسالي ۾ شامل براهوي لفظن ۽ فعلن تي بحث ڪيو ۽ شاهه جي ڪلام جو مقصد بيان ڪيو ويو آهي. ان بـعـد سُـر ڪـلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سُر سهـڻي، سُر سسئي، سر مومل راڻي، سُر ليلان چنيسر، سُر مارئي، سُر سورٺ جو تعارف ڏنو ويو آهي، جڏهن ته صرف ٻن سُرن ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جو منظوم براهوي ترجمو ڏنو ويو آهي.
ڊيمي سائيز جي 127 صفحن تي مشتمل هي ‘لطيفي توار’ ڪتاب براهوي اڪيڊمي پاڪستان، ڪوئيٽا، 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ اُن جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو